اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) نيب ۾ ترميم بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ احتساب عدالت پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف نئون توشه خانو ريفرنس نيب کان ايف آءِ اي ڏانهن منتقل ڪندي چيو آهي ته اسپيشل جج سينٽرل کي ضمانت واري درخواستون منتقل ڪيون ويون، توشا خانا ريفرنس ۾ پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشريٰ بي بي جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن بعد احتساب عدالت جي جج محمد علي وڙائچ اڊيالا جيل ۾ ٻڌڻي ڪئي.نيب جي پراسيڪيوشن ٽيم پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشريٰ بي بي جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي تي اعتراض ڪندي چيو ته نيب ترميمن کانپوءِ ضمانت جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪرڻ هن عدالت جو اختيار ناهي.هن چيو ته نيب ترميمن کانپوءِ نئون توشا خانو ريفرنس لاڳاپيل عدالت ڏانهن منتقل ٿيڻو آهي ۽ جنهن عدالت کي ڪيس منتقل ڪرڻو آهي اها ئي ضمانت جو فيصلو ڪندي.پي ٽي آءِ جي باني وڪيل سلمان صفدر دليل ڏيندي چيو ته قانون ۾ ترميم کانپوءِ نيب جو ڪيس ختم ٿي ويو آهي، نئين قانون تحت هاڻي ڏوهه ناهي رهيو. عدالت چيو ته نيب ترميمن کانپوءِ هي ڪيس ڪرپشن ايڪٽ تحت ايف آءِ اي جو بڻجي ٿو ۽ نيب ترميمن کانپوءِ ان ڪيس ۾ نيب جو دائرو ختم ٿي ويو آهي. عدالت نئون توشاخانا ريفرنس جو رڪارڊ اسپيشل جج سينٽرل جي عدالت ۾ منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.