ڪوٽڏيجي (ن ع آ) ڪوٽڏيجي ۾ منشيات جي الزام هيٺ گرفتار ٿيل جوابدار ٿاڻي جي لاڪ اپ ۾ ئي تشدد دوران دم ڏئي ڇڏيو، سکر واسي جوابدار نعمان علي قريشي جو لاش پوليس لاڪ اپ مانمليو، جنهن کي پوليس پاران خيرپور اسپتال منتقل ڪيو ويو. باخبر ذريعن موجب، ڪوٽڏيجي پوليس نوجوان کي خيرپور جي هڪ بااثر جي چوڻ تي رشوت عيوض گرفتار ڪري مٿس منشيات جو ڪيس داخل ڪري ڪورٽ سڳوري مان رمانڊ تي ورتو هو. ٻئي طرف فوتي جي امڙ جمالا خاتون احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته پوليس بااثرن جي وانگار وھي پئسن عيوض منهنجي نوجوان پٽ منشيات ڪيس ۾ ڦاسائي ماري ڇڏيو آهي، معاملي جي اعليٰ سطحي جاچ ڪئي وڃي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي پوليس موجب نعمان قريشي کي گذريل ڏينهن منشيات ۾ گرفتار ڪيو هو ڪورٽ مان رمانڊ وٺي اچي رهيا هئاسين ته قيدي کي دل جو اٽيڪ اچڻ ڪري دل واري وارڊ ۾ کڻائي پهتاسين جتي هو فوت ٿي ويو، آخري اطلاعن تائين فوتي قيدي نعمان قريشي جو لاش اسپتال ۾ پيل رهيو هو.