شاهنواز ڏهاڻي سميت ڪيئي پاڪستاني ڪرڪيٽر ڏچي ۾ پئجي ويا

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) زمبابوي جي شهر هراري ۾ 21 سپٽيمبر کان شيڊيول زم ايفرو ٽي ٽين ليگ ۾ پاڪستاني ڪرڪيٽرن جي شموليت تي سواليا نشان لڳي ويو ڇو ته پي سي بي قومي ڪرڪيٽرن کي اين او سي ڏيڻ کان انڪار ڪري رهيو آهي.
ذريعن موجب، زم ايفرو ليگ لاءِ جن پاڪستاني ڪرڪيٽرن کي چونڊيو ويو تن ۾ شاهنواز ڏاهاڻي، آصف علي، حيدر علي، ياسر شاهه، شرجيل خان، محمد عرفان ۽ سلمان ارشاد شامل آهن.
شاهنواز ڏاهاڻي، آصف علي ۽ حيدرعلي هن وقت فيصل آباد ۾ شيڊيول پي سي بي چيمپيئنز ون ڊي ڪپ جي ٽيمن جو حصو آهن.
ٻئي پاسي زم ايفرو ليگ لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اڃا تائين قومي ڪرڪيٽرن کي اين او سي جاري ناهي ڪئي .
پي سي بي اختيارين جو موقف آهي ته زم ايفرو ليگ کي اڃا تائين آءِ سي سي جي منظوري ناهي ملي تنهنڪري اين او سي جاري نه ٿي ڪري سگهجي.
پي سي بي اختيارين موجب،جيستائين آءِ سي سي طرفان ليگ کي منظوري نه ملندي تيستائين ڪنهن به قومي ڪرڪيٽر کي اين او سي نه ملندي.
جيڪڏهن پي سي بي اين او سي نه ڏيڻ واري پاليسي تي قائم رهندو ته پوءِ فاسٽ بالر محمد عرفان ۽ سلمان ارشاد ئي ليگ ۾ حصو وٺي سگهندا ڇو ته ٻئي رانديگر هن وقت پي س يبي جي ڪنهن به ڪانٽريڪٽ جو حصو ناهن.
محمد عرفان رابطي تي تصديق ڪئي آهي ته هو پي سي بي جي اين او سي کانسواءِ به ليگ ۾ حصو وٺي سگهي ٿو .
ٻئي پاسي زم ايفرو ٽي ٽين ليگ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته زمبابوي ڪرڪيٽ بورڊ آءِ سي سي جو فل بورڊ ميمبر آهي ۽ ان ليگ ڪرائڻ جي اجازت ڏني آهي تنهنڪري هاڻي آءِ سي سي جي منظوري جي ضرورت ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.