پاڪستان ڪرڪيٽ ۾ پليئرز پول جو فقدان آهي: شاهين آفريدي

فيصل آباد(ويب ڊيسڪ) لائنز جي ڪپتان شاهين شاهه آفريدي چيو آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ۾ پليئرز جي پول جو فقدان آهي.
چيمپيئنز ون ڊي ڪپ جي حوالي سان لائنز جي ڪپتان شاهين شاهه آفريدي وڊيو پيغام جاري ڪري ڇڏيو.
سندس چوڻ هو ته چيمپئنز ون ڊي ڪپ پاڪستان ڪرڪيٽ لاءِ انتهائي ضروري آهي، پاڪستان ڪرڪيٽ ۾ پليئرز جي پول جو فقدان آهي.
هن چيو ته چيمپيئنز ڪپ ذريعي سليڪشن لاءِ پليئرز جي پول ۾ اضافو ٿيندو، نوجوان رانديگر هئڻ گهرجن، جيڪي هر وقت کيڏڻ لاءِ تيار هجن.
شاهين شاهه آفريدي موجب، ڪپتان طور هو نوجوان رانديگرن جي حوصلا افزائي لاءِ تيار آهي، سندس لاءِ علائقائي رانديگرن وٽان سکڻ جو بهترين موقعو آهي.
هن چيو ته عبدالله شفيق ڪيئي رڪارڊ ٽوڙيا آهن، هو آئوٽ آف فارم ضرور آهي پر وائيٽ بال ۾ به پرفارم ڪندو، هن مان وڏيون اميدون آهن ۽ هو مون کي پسند آهي.
واضح رهي ته چيمپيئنز ون ڊي ڪپ جا مقابلا 12 سپٽيمبر کان 29 سپٽيمبر تائين فيصل آباد ۾ کيڏيا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.