اهي شيون، جيڪي قطعي فرج ۾ نه رکڻ گهرجن!

روز مرهه جي زندگي ۾ ميون، سبزين سميت ڪيتريون ئي کاڌي جون اهڙيون شيون هونديون آهن، جيڪي اسان بنا سوچڻ سمجهڻ جي فرج ۾ رکي ڇڏيندا آهيون پر ائين ڪرڻ نه رڳو اهي شيون خراب ٿي سگهن ٿيون پر انهن جي استعمال سان اسان جي صحت کي به نقصان پهچي سگهي ٿو.
اچو ته ڄاڻيون اهي ڪهڙيون شيون آهن، جيڪي فرج ۾ نه رکڻ گهرجن.
پٽاٽو
پٽاٽو اها سبزي آهي، جيڪا تقريبن هر ڀاڄي ۾ شامل ڪئي ويندي آهي پر ڇا توهان ڄاڻو ٿا ته ان کي فرج ۾ نه رکڻ گهرجي؟
پٽاٽي کي اسٽور ڪرڻ لاءِ ٿڌي ۽ اونداهي واري جاءِ بهترين آهي پر ريفريجريٽر تمام گهڻا ٿڌا هوندا آهن، پٽاٽا فرج ۾ رکڻ سان ٿڌا ٿي ويندا آهن ۽ اسٽارچ پيدا ڪندا آهن، اسٽارچ شگر ۾ تبديل ٿي ويندو آهي، جنهن سان پٽاٽي جو ذائقو گهٽجي ويندو آهي.
بصر
بصر وڍڻ کانپوءِ فرج ۾ رکي سگهجي ٿو پر ان کان اڳ رکڻ سان خراب ٿي ويندو آهي، تنهن ڪري بهتر آهي ته ان کي ڪمري جي گرمي پد تي ئي رکيو وڃي.
گدرو
گدري کي فرج ۾ رکڻ سان ان ۾ موجود اينٽي آڪسيڊنٽ گهٽجي ويندا آهن، تنهن ڪري ان کي ڪمري جي گرمي پد تي کائڻ صحتمند آهي، گدڙي کي ڪٽڻ کانپوءِ تقريبن 3 کان 4 ڏينهن تائين فرج ۾ رکي سگهجي ٿو.
ڊبل روٽي
عام طور تي ڊبل روٽي کي گهرن ۾ فرج ۾ رکيو ويندو آهي پر اهو غلط آهي.
ڊبل روٽي کي ڪمري جي گرمي پد ۾ رکڻ گهرجي، ڪوشش ڪيو ته ان کي جلد کان جلد استعمال ڪيو ته جيئن فرج ۾ رکڻ جي ضرورت نه پئي.
ٿوم
ٿوم کي فرج ۾ رکيو وڃي ته ان جو ذائقو خراب ٿي ويندو آهي، ٿوم جي ڇليل ڳڙين کي 10 ڏينهن جي اندر استعمال ڪري ڇڏڻ گهرجي.
ماکي
ماکي به فرج ۾ رکڻ سان خراب ٿي ويندي آهي، ان ۾ داڻا داڻا اچي ويندا آهن، جيڪي ذائقي تي اثرانداز ٿيندا آهن، فرج کان ٻاهر رکڻ سان ماکي گهڻي عرصي تائين هلي سگهي ٿي.
ٽماٽو
اڪثر ماڻهو ٽماٽي کي فرج ۾ رکندا آهن پر ان جو ذائقو خراب ٿي ويندو آهي، فرج ۾ رکڻ سان ٽماٽا مٺا ٿي ويندا آهن، بهتر آهي ته ٽماٽا ڇليل هجن پوءِ به فرج ۾ نه رکجن ۽ جلد کان جلد استعمال ڪري ڇڏجن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.