بنا موڪل جي 100 ڏينهن تائين مسلسل ڪم ڪرڻ سبب ملاز م حياتي وڃائي ويٺو

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين ۾ هڪ ملازم موڪل بنا مسلسل ڪم ڪرڻ سبب جسماني عضوا فيل ٿيڻ جي ڪري لاڏاڻو ڪري ويو.
نوڪري ڪهڙي به هجي پر ملازم لاءِ ضروري آهي ته هو هفتي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ موڪل ضرور ڪري ته جيئن پاڻ کي جسماني ۽ ذهني طور پرسڪون رکي سگهي.
پر موڪل بنا مسلسل ڪم ڪرڻ سان يقيني طور جسماني ۽ ذهني صحت ٻنهي تي برا اثر پوندا.
پرڏيهي ميڊيا موجب چين ۾ پنهنجي نوعيت جو هڪ انوکو واقعو پيش آيو، جتي هڪ ملازم موڪل بنا مسلسل ڪم ڪرڻ سبب پنهنجي حياتي وڃائي ويٺو.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته گذريل سال فيبروري ۾ 30 ورهين جي پينٽر اي بائو هڪ مقامي ڪمپني ۾ پينٽر طور معاهدو ڪيو، جيڪو هن سال جنوري تائين جاري رهڻو هو پر ملازم کي هڪ ٻئي پراجيڪٽ تي ڪم ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو.
اي بائو معاهدي تي صحيحون ڪرڻ کانپوءِ گذريل سال فيبروري کان مئي تائين 104 ڏانهن روز ڪم ڪيو، ان دوران هن رڳو 6 اپريل تي هڪ موڪل ڪئي هئي.
رپورٽ موجب 28 مئي تي ملازم جي طبعيت بگڙي وئي، جنهن کانپوءِ کيس اسپتال پهچايو ويو، ان ۾ ڦڦڙن جي انفيڪشن، ساهه جي تڪليف سميت ڪيترين ئي بيمارين جي سڃاڻپ ٿي، جنهن کانپوءِ هو پهرين جون تي لاڏاڻو ڪري ويو.
اي بائو جي موت تي سندس خاندان ڪمپني تي لاپرواهي جو الزام هڻندي معاوضي لاءِ ڪيس داخل ڪيو، جواب ۾ ڪمپني چيو ته ان ملازم جو موت اڳ کان موجود طبي مسئلن ۽ صحيح علاج نه ٿيڻ سبب ٿيو، اي بائو تي ڪم جو بار مناسب ئي هو، جڏهن ته هو اوور ٽائم رضاڪاراڻي طور ڪندو هو.
پر عدالت اي بائو جي مسلسل 104 ڏينهن تائن ڪم ڪرڻ کي چيني ليبر قانون جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو.
عدالت فيصلو ٻڌايو ته ڪمپني طرفان ليبر ريگيوليشنز جي ڀڃڪڙي سبب اي بائو جي صحت خراب ٿي، ڪمپني کي ان جي موت جو 20 سيڪڙو ذميوار قرار ڏنو ويو.
عدالت حڪم ڏنو ته ڪمپني اي بائو جي خاندان کي 4 لک يوآن (چيني ڪرنسي) معاوضو ادا ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.