ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ سپر اسٽار رنبير ڪپور نتيش تيواري جي فلم ” رامائڻ “ ۾ لارڊ رام ۽ پرشورام جا ٻئي ڪردار ادا ڪندو.
ڀارتي ميڊيا موجب، فلم ۾ پرشورام جو ڪردار مختصر پر اهم آهي جيڪو رنبير ڪپور لاءِ هڪ انوکي انداز ۾ تخليق ڪيو ويو ويندو.
اميتاڀ بچن جٽائو (اهو ساهوارو، جو سيتا کي بچائڻ لاءِ راوڻ سان وڙهندي گهائجي پيو هو) کي پنهنجو آواز ڏيندو جنهن کي وي ايف ايڪس جي ذريعي سندس اکين سان وڌيڪ حقيقي بڻايو ويندو.
رامائڻ جي بجيٽ سئو ملين ڊالر آهي ان جو مقصد ديو ملائي ڪٿا ” رامائڻ “ کي عالمي سطح تي پيش ڪرڻ آهي، فلم جي تياري ۾ عالمي معيار جي وي ايف ايڪس ٽيم شامل آهي، جيڪا ٻن حصن ۾ ٺاهي ويندي.
ڏکڻ ڀارتي اداڪارا سائي پلوي ديوي سيتا جو ڪردار ادا ڪندي جڏهن مليالم هيرو يش راوڻ جي روپ ۾ نظر ايندو .
فلم جي ٻي ڪاسٽ ۾ سني ديول هنومان، روي دوبي لڪشمڻ ، لارا دتا ڪيڪيئي، ۽ راڪل پريت سنگهه شرپنکا جي ڪردار ۾ نظر ايندي.
فلم جي عڪسبندي اپريل 2024 کان شروع ٿي چڪي آهي، جنهن کي 2026 ۾ سموري دنيا ۾ رليز ڪيو ويندو.
You might also like