ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني ڊراما انڊسٽريءَ جي اُڀرندڙ اداڪارا حرا خان آڊيشن بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن.
حرا خان جو انٽرويو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيو آهي، انٽرويو ۾ اداڪارا آڊيشن لاءِ ڪاسٽنگ ڊائريڪٽر جي مطالبن بابت ٻڌايو هو.
اداڪارا چيو ته ڊرامي جي سيٽ تي کيس ساٿي اداڪارا هڪ ڊائريڪٽر بابت ٻڌايو ته هن کي پنهنجي نئين ڊرامي لاءِ ڪاسٽ جي ضرورت آهي، هو مشهور ڪاسٽنگ ڊائريڪٽر آهي انڪري تون سندس ڊرامي لاءِ آڊيشن ڏي.
حرا خان موجب، ساٿي اداڪارا کان ڊائريڪٽر جو نمبر ورتو ته جيئن کيس پنهنجو ڪم ڏيکاري سگهان ڇاڪاڻ ته اداڪارن کي سندن ڪم ڏسي ئي ڪاسٽ ڪيو ويندو آهي.
اداڪارا ڊائريڪٽر جو نالو وٺڻ کانسواءِ چيو ته منجهند ٽِين وڳي آڊيشن لاءِ اچي وينديس جنهن تي هن چيو ته اوهان کي آڊيشن لاءِ رات 11 وڳي اچڻو آهي ۽ آڊيشن لاءِ مختصر لباس پائڻو پوندو.
سندس چوڻ هوته هوءِ ڊائريڪٽر جي ڳالهه ٻڌي دنگ رهجي وئي ۽ کيس چيو ته اسڪرين تي بولڊ لباس ناهيان پائيندي ۽ نه ئي رات جو دير سان ڪاڏي نڪرندي آهيان.
حرا خان وڌيڪ چيو ته هن ڊائريڪٽر کي کتو جواب ڏئي فون بند ڪري ڇڏي ۽ وري انڊسٽري جي ٻئي ڊائريڪٽر کي سمورو قصو ٻڌايو جنهن هن مون کي چيو ته اِهو سڀ دوکو ۽ ٺڳي آهي.
You might also like