نوشهرو فيروز (ويب ڊيسڪ) داتا درٻار لاهور مان گم ٿيل 14 ورهين جي نينگري پڊعيڊن ٿاڻي پهچي وئي.
پوليس موجب نينگري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته مامي سان ناراض ٿي داتا درٻار کان آئي هيس، هڪ عورت ڌيءُ بڻائڻ جو ڏٽو ڏئي پڊعيدن وٺي آئي.
هن چيو ته عورت منهنجو زبردستي نڪاح ڪرائي ڇڏيو، تشدد به ڪندي هئي، منهنجي ماءُ گذاري وئي آهي، مان مامي وٽ لاهور ۾ رهندي هيس.
پوليس چيو ته ڇوڪريءَ جي بيان تي جاچ ڪئي پئي وڃي، لاهور ۾ سندس مامي سان رابطو ڪيو ويو آهي، سڀاڻي کيس عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.
You might also like