نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي خابرو اداري ايشين نيوز انٽرنيشنل ( اي اين آءِ ) ويب سيريز ” قنڌار هاءِ جيڪ“ ۾ پنهنجو ڪانٽينٽ( وڊيوز ) استعمال ڪرڻ تي اسٽريمنگ سروس نيٽ فلڪس خلاف قانوني رستو اختيار ڪري ورتو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، ڀارتي نيوز ايجنسي اي اين آءِ نيٽ فلڪس ۽ ڀارتي ويب سيريز ” آءِ سي 814: قنڌار هاءِ جيڪ“ جي پروڊيوسر خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.
اي اين آءِ نيٽ فلڪس کان مطالبو ڪيو آهي ته ويب سيريز ۾ اجازت کانسواءِ مواد استعمال ڪيو ويو، انڪري اِهو هٽايو وڃي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، اي اين آءِ جي قانوني صلاحڪار جو چوڻ آهي ته نيٽ فلڪس سندن ڪاپي رائيٽ فوٽيجز ۽ ٽريڊ مارڪ جو استعمال ڪيو آهي.
ياد رهي ته نيٽ فلڪس جي ويب سيريز قنڌار هاءِ جيڪ رليز ٿيندي ئي مختلف تڪرارن جي ور چڙهي وئي آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ به سيريز ۾ هاءِ جيڪرز لاءِ ڀولا ۽ شنڪر جا نالا استعمال ڪرڻ تي ڀارت ۾ ٻڙڌڪ مچي ويو هو ۽ ڀارتي حڪومت طرفان نيٽ فلڪس جي هيڊ آف ڪانٽينٽ کي به طلب ڪيو ويو هو.
نيٽ فلڪس جي هيڊ آف ڪانٽينٽ مونيڪا شيرگِل طرفان چيو ويو هو ته جيڪي ناظرين 1999ع ۾ ٿيندڙ هاءِ جيڪنگ کان واقف ناهن تن لاءِ ڊسڪليمر ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ هاءِ جيڪرز جا اصل ۽ ڪوڊ نالا ٻئي شامل ڪيا ويا آهن.
You might also like