اسلام آباد (م ڊ) تعليم جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي وزيراعظم پيغام ۾ چيو آهي ته تعليم هڪ بنيادي انساني ۽ آئيني حق آهي، تعليم اسان جي ملڪ جي مستقبل جي ضمانت آهي. هن چيو ته تعليم رڳو پڙهڻ ۽ لکڻ جي صلاحيت ناهي اها بااختيار بڻائڻ، معاشي موقعن ۽ سماج ۾ فعال شموليت جو هڪ گيٽ وي آهي. وزيراعظم چيو ته اسان تعليم جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. هن چيو ته تعليم اسان جي سماج جي ڪرنگهي جي هڏي آهي آهي. ان مقصد لاءِ، اسان تعليمي ايمرجنسي جو اعلان ڪندي ملڪ ۾ شاگردن جي داخلا مهم شروع ڪئي آهي ۽ اسڪولن ۾ ٻارن کي منجهند جو کاڌو شروع ڪيو آهي. اسڪول ڇڏڻ جي شرح گهٽائڻ ۽ هر ٻار کي تعليم پوري ڪرڻ لاءِ وظيفا ۽ ٻيون مراعتون متعارف ڪرايون آهن.