سنڌ حڪومت هميشه اعليٰ تعليم تي ڌيان ڏنو آهي: مراد علي شاهه

ڪراچي  (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه دعويٰ ڪئي آهي ته سنڌ حڪومت هميشه اعليٰ تعليم تي ڌيان ڏنو آهي، خواندگيءَ جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پيغام ڏيندي مراد علي شاهه چيو ته دنيا ۾ اهي ئي قومون ترقي ڪن ٿيون، جن جو تعليمي نظام مضبوط هوندو آهي، هن چيو ته سنڌ حڪومت هميشه تعليم جي اعليٰ معيار تي خاص ڌيان ڏنو آهي. اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي اسڪول آڻڻ لاءِ بهترين انتظام ڪيا ويا آهن.سنڌ جي وڏي وزير اهو به چيو ته مائيڪرو اسڪول قائم ڪري 3 لک کان وڌيڪ ٻارن کي تعليمي ادارن جو حصو بڻايو ويندو. مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته هو جديد دور جي تقاضائن کي نظر ۾ رکندي تعليمي نظام ۾ جدت آڻي رهيا آهن، ايندڙ 2 سالن ۾ هڪ لک ڊجيٽل اسڪول قائم ڪرڻ جو عزم پورو ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.