سنڌ ۾ نان فارمل تعليم لاءِ 3 هزار سينٽر قائم ٿيندا: سردار شاهه

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي نجي هوٽل ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي سيد سردار علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ نان فارمل تعليم  لاءِ 3 هزار سينٽر قائم ڪيا ويندا، سنڌ جي تعليم واري وزير چيو ته سنڌ ۾ نان فارمل ايجوڪيشن ميڪنزم کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اسڪول کان ٻاهر رهندڙ ٻارن کي تعليم مڪمل ڪرڻ سان گڏ هنرمند بڻائي سگهجي. ان سلسلي ۾ هر ضلعي ۾ 100 نان فارمل ايجوڪيشن سينٽر قائم ڪيا پيا وڃن، پهرين مرحلي ۾ قائم ٿيندڙ 3 هزار سينٽرن ۾ ايندڙ ٻارن کي تعليم سان گڏ ووڪيشنل ٽريننگ پڻ ڏني ويندي. بدقسمتيءَ سان آباديءَ تي ضابطو نه هئڻ سبب والدين جو گهڻو ڌيان تعليم بدران معاشي فائدن ۾ آهي، پر مناسب تعليم ۽ تربيت نه هجڻ سبب اهڙا ٻار استحصال جو شڪار ٿين ٿا، جيڪي اڳتي هلي نسل در نسل منتقل ٿين ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.