اسلام آباد(م ڊ) اسرائيل جي مشهور اخبار پي ٽي آءِ باني چيئرمين عمران خان کي اسرائيل ۽ پاڪستان جي لاڳاپن لاءِ سڀ کان وڌيڪ موزون شخص قرار ڏئي ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي دور حڪومت ۾ پرڏيهي لاڳاپن ۾ عملي رويو اختيار ڪيو ويو. ٽائمز آف اسرائيل موجب وزير اعظم جي حيثيت سان عمران خان ڪيترائي ڀيرا فلسطين جي لاءِ پنهنجي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو آهي ۽ اسرائيلي حملن جي سخت مذمت ڪندي صهيوني رياست جي پاڪستان سان لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ جي خيال جي مخالفت ڪئي ۽ چيو ته جيستائين فلسطين جو مسئلو حل نه ٿيندو، تيستائين پاڪستان ۽ اسرائيل جا لاڳاپا بحال نٿا ٿي سگهن. ٽائمز آف اسرائيل جي هڪ آرٽيڪل موجب پي ٽي آءِ جي باني جا گولڊ سمٿ خاندان سان لاڳاپا، خاص ڪري جميما گولڊ سمٿ جا ازدواجي تعلقات هڪ حقيقت آهي، پي ٽي آءِ جا باني اسرائيل پاڪستان لاڳاپن جي موجوده نوعيت کي تبديل ڪري سگهن ٿا. اخبار موجب، عمران خان اسرائيل بابت پاڪستان جي موقف تي نظرثاني ڪرڻ لاءِ وڌيڪ کليل ٿي سگهي ٿو، هن چيو ته اسرائيل ۽ ان جا اتحادي ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته پي ٽي آءِ جي باني کي پاڪستاني سياست ۾ حصو وٺڻ جي آزادي حاصل آهي.