اسلام آباد(م ڊ) تحريڪ انصاف باني چيئرمين عمران خان سپريم ڪورٽ نيب ترميمي ڪيس جي فيصلي کانپوءِ 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ رعايت طلب ڪري ورتي.اڊيالا جيل ۾ عمران خان خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ باني 190 ملين پائونڊ ريفرنس ۾ نيب جي ترميمي فيصلي کانپوءِ بريت جي درخواست داخل ڪئي. عمران خان جي وڪيل چيو ته نيب ترميمي فيصلي کانپوءِ 190 ملين پائونڊن جو ڪيس ئي نه ٿو ٺهي، سوال اهو آهي ته نيب ترميم کانپوءِ هي ڪيس احتساب عدالت جي اختيارن ۾ اچي ٿو يا نه؟ نيب پراسيڪيوٽر چيو ته جيڪڏهن عدالت کي ان ڪيس ۾ اختيار آهي ته بريت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي سگهي ٿي، جنهن تي پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته اسان عدالت جي دائري اختيار کي چئلينج ناهي ڪيو، فيصلو ڪرڻ عدالت جي صوابديد آهي. احتساب عدالت پي ٽي آءِ باني جي بريت واري درخواست تي ٻڌڻي 10 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.