مخدوم خاندان جي زبان بندي،اصل ڪهاڻي ڇا آهي؟

ڪراچي(ارباب چانڊيو)مخدوم خاندان جي زبان بندي ٿي وئي،مخدوم جميل الزمان سنڌ جي جن مسئلن جي نشاندهي ڪئي هئي ماڻهو ان کي ساراهي رهيا هئا ته پ پ ۾ ڪو ته اهڙو ماڻهو آهي جيڪو پارٽي اندر رهي سچ ڳالهائي رهيو آهي،پر اها ڳالهه مهيني اندر ئي دم ٽوڙي وئي،اڳوڻي صوبائي وزير جي بقول مخدوم خاندان پراڻي پگهار تي ڪم جاري رکندو، ڪجهه ڏينهن اڳ هلندڙ جهيڙي دوران صوبائي گهرو وزير ضيا لنجار هڪ تقريب ۾ چيو هو ته مخدوم صاحب کي هاڻي سياست بدران شاعري ڪرڻ گهرجي جنهن تي سروري جماعت جي مريدن ۾ تاءُ پکڙجي ويو ۽ سوشل ميڊيا تي تبصرا ڪيا ويا ،مخدوم جميل الزمان جي ڪوآرڊينيٽر ممتاز شاهه لکيو ته  مخدوم صاحب ته شاعري ڪندو توهان ”پرس“کڻي پيا گهمندا،ان پوسٽ کانپوءِ ممتاز شاهه کي 8 ڪلاڪن لاءِ کنڀيو ويو،ذريعن موجب ممتاز شاهه کي پوليس نه پر هڪ اداري پاڻ وٽ گهرايو هو ۽ سندس ٺيڪ ٺاڪ ”مهمان نوازي“ ڪئي وئي،جنهن بعد هن جو سافٽ ويئر اپ ڊيٽ ٿي ويو،جڏهن ته مخدوم خاندان جي به ”سياسي گرفتاري“ ٿي وئي، رڳو مخدوم خاندان نه پر سنڌ جا ڪيترائي سياسي خاندان هن وقت ”سياسي قيد“ واري زندگي پيا گذارين،جڏهن ته مخدوم خاندان سان هلندڙ تڪرار ۾ مخدومن خلاف قتل جو پراڻو ڪيس ٻيهر هلرائڻ لاءِ هڪ اڳوڻي سينيٽر کي سرگرم ڪيو ويو،مخدومن خلاف هڪ صحافي ذريعي عدالتي حڪم جي ڪاپي منظرعام تي آڻي زبان بندي لاءِ پيغام موڪليو ويو،ايم پي اي علي حسن هنگورجو ٻنهي ڌرين وچ ۾ ٺاپر لاءِ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪيو،جڏهن ته مخدوم محبوب الزمان به پ پ حڪومت جي اپوزيشن جي مخالفت ڪئي،سوال اهو آهي ته هاڻي سنڌ جي اشوز تي هاڻي ڪير ڳالهائيندو؟ سنڌ جي پاڻي، زراعت، ٻوڏ،سنڌ جي ڦرجڻ،ڪچي پڪي جي ڪير ڳالهه ڪندو؟ جي ڊي اي جا ميمبر ته اسيمبلي ۾ اچڻ لاءِ تيار ناهن، اهي به ماڻهن جي ڳالهه ڪرڻ بدران گهرن ۾ ويٺل آهن، سنڌ جا ماڻهو منتظر آهن ته ڪو ته انهن جي نمائندگي ڪري،سنڌ ۾ هن وقت مايوسي ڇانيل آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.