آرمي چيف! نفرت اوهان جي ڪري آهي، اوهان طرفان گهٽ ٿيڻ گهرجي: عمران خان

اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو ته آرمي چيف نفرتون گهٽائڻ جو بيان ڏنو. پر کيس نماڻي انداز سان چوان ٿو ته نفرت توهان جي ڪري آهي. نفرت اوهان طرفان گهٽ ٿيڻ گهرجي، اڊيالا جيل ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته منهنجو هن ملڪ ۾ جيئڻ مرڻ آهي ٻاهر نه ويندس. موجوده حڪومت تي تنقيد ڪندي اڳوڻي وزيراعظم دعويٰ ڪئي ته پهريان پرويز مشرف ۽ پوءِ جنرل باجوه انهن کي اِن آر او ڏنو. هن الزام هنيو ته نيب ترميمن ذريعي وائيٽ ڪالر ڪرائم کي اين آر او ڏنو ويو آهي، نيب ۾ ترميمون آئين جي خلاف آهن، دنيا جي ڪنهن به پارليامينٽ ۾ ائين ناهي ٿيو ته قانون پاس ڪري چوري معاف ڪرائي وئي هجي. عمران خان چيو ته نيب 2017 تائين 290 ارب رپيا گڏ ڪيا، رڳو اسان جي ساڍن ٽن سالن ۾ نيب 480 ارب رپيا گڏ ڪيا، اڃا 1100 ارب رپيا گڏ ٿيڻا هئا. هن دعويٰ ڪئي ته نيب ترميمن کانپوءِ رڳو ڏيڍ ڪروڙ رپيا گڏ ٿي سگهيا آهن. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته چوريون معاف ڪرايون پيون وڃن ۽ قوم کي چيو پيو وڃي ته قربانيون ڏيو. هن دعويٰ ڪئي ته ملڪ اشرافيه جي قبضي ۾ آهي، ننڍي اشرافيا اربين رپين جا ڪيس معاف ڪرائي ورتا آهن. هن چيو ته اڊيالا جيل ۾ ڪيترائي قيدي 50 هزار کان هڪ لک جا مچلڪا ۽ ڏنڊ جمع نه ڪرائڻ سبب قيد آهن جڏهن ته نيب ترميمن ذريعي چورن کي وڏي ڇوٽ ڏني وئي آهي ۽ قانون کان مٿانهان ماڻهو هميشه بچي ويندا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته هن نيب جي جاچ آفيسر کي ڌمڪيون نه ڏنيون مون چيو هو ته نيب چيئرمين ۽ نيب جي جاچ آفيسر خلاف ڪيس داخل ڪندس ته جيئن مستقبل ۾ ماڻهن کي انتقام جو نشانو نه بڻائين. عمران خان چيو ته هو نيب خلاف عدالت وڃڻ چاهي ٿو ته جيئن نيب جي ماڻهن کي ڊپ هجي. هن چيو ته هو چاهين ٿا نيب جو احتساب ٿئي ۽ نيب کي سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي ماتحت آزاد ادارو بڻايو وڃي. عمران خان دعويٰ ڪئي ته 22 آگسٽ جو جلسو ملتوي ڪرڻ لاءِ منٿون ڪيون ويون، 8 سيپٽمبر تي جلسو ڪرڻ جي خاطري ڪرائي پر هاڻي ان ۾ به رنڊڪون وڌيون پيون وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.