ثاقب نثار کي واپس گهرائي عدليه کي سخت پيغام موڪليو ويو؟

اسلام آباد(حماد حسن) ڪورڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ اڪثر وقت ان ڳالهه ۾ گذريو ته  فيض حميد خلاف جاچ ڪٿي پهتي آهي، فوج ۽ ملڪ خلاف ڪهڙيون سازشون ڪيون ويون؟ ٻاهرين ملڪ ۽ ملڪ اندر ڪهڙن ماڻهن سان رابطا ڪيا ويا،ان حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي،سمورا ثبوت ڏيکاريا ويا، ذريعن موجب ڪجهه ثبوت ايترا ته خطرناڪ آهن جن جو ذڪر ئي نٿو ڪري سگهجي،رئوف حسن کان ملندڙ ثبوتن ۽ جاچ بابت رپورٽ پيش  ڪئي وئي، ان حوالي سان ڪجهه سخت فيصلا به ڪيا ويا،ذريعن موجب فوج اندر ڪجهه آفيسرن کي مالي معاملن بابت شڪايتن تي هٽايو ويو آهي،ايندڙ ڏينهن ۾ عدليه کي به سخت پيغام موڪليو ويندو،جسٽس(ر) ثاقب نثار جي واپسي ان سلسلي جي ڪڙي آهي، ذريعن موجب ثاقب نثار وطن واپس نه پيو اچڻ چاهي پر کيس خاطريون ڪرائي واپس گهرايو ويو آهي، هو فيض حميد نيٽ ورڪ بابت گواهي ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي،هن ڪجهه معلومات ڏني به آهي،جڏهن ته هڪ يورپي ملڪ جي سفارتخاني بابت معلومات سامهون آئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.