اسلام آباد(نجم سيٺي)نيب ترميمي ايڪٽ بحال ٿيڻ وارو سپريم ڪورٽ جو فيصلو سٺو آهي، نيب جو ادارو مڪمل طور ختم ٿيڻ گهرجي، حڪومت جو ارادو نيب کي ختم ڪرڻ جو هو پر ان کي گوڙ ٿيڻ جو خدشو هو ان ڪري مرحليوار ان کي بي اثر ڪيو پيو وڃي،نيب کي ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت هاڻي اهو جواز ڏيندي ته رڳو اسان نه پر عمران خان به نيب ڪيسن مان بچي ويو آهي، ايندڙ مرحلي ۾ نيب کي ختم ڪيو ويندو، پر اها ڳالهه به ياد رکڻ گهرجي ته جيڪڏهن عمران خان ٻيهر اقتدار ۾ اچي ويو ته سڀني کي اندر ڪري ڇڏيندو، عمران خان تي هاڻي رڳو 9 مئي جا ڪيس وڃي بچيا آهن، فيض حميد وارو معاملو معمولي ناهي،اهي ڳالهيون به عام آهن ته فيض حميد کي عمران خان خلاف گواهه بڻايو ويندو.