ڪراچي(رپورٽر) انساني حقن بابت تنظيم ايڇ آر سي پي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ لاپرواهه ڊرائيور عورت هٿان شهري عمران ۽ آمنه عارف جي موت واري معاملي ۾ انصاف ناهي مليو. جيڪڏهن متاثر خاندان قصاص ۽ ديت واري قانونن تحت معافي قبول ڪري ورتي آهي، تڏهن به رياست کي لازمي طور تي ڏوهه جي ڌر بڻجڻ گهرجي.پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ايڇ آر سي پي جو چوڻ آهي ته اهڙن قانونن ۾ ترميم ڪرڻ جي ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته رقم خون جو متبادل نه آهي.