ميرپور ماٿيلو/گهوٽڪي (رپورٽ: آزاد مھر /خالد وسير) شهيد نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جو جاچ آفيسر ٻيون ڀيرو تبديل، سنڌ هاءِ ڪورٽ بينچ سکر جي حڪم تي هاڻي ايس ايس پي نوابشاهه تنوير تنيو جاچ ڪندو. هائي پروفائل قتل ڪيس جاچ شروعاتي طور ايس ايڇ او داد لغاري ذوالفقار مهر ڪئي، بعد ۾ فريادي جي درخواست تي ڊي ايس پي سراج لاشاري کي جاچ ڏني وئي، ڊي ايس پي سراج لاشاري ايم اين اي خالد لنڊ جو نالو ڪيس مان ڪڍڻ جي سفارش ڪندي سندس ٻنهي پٽن شهباز لنڊ ۽ نورمحمد لنڊ کي قتل ڪيس ۾ ملوث ڄاڻايو. گذريل ٻڌڻي تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج گهوٽڪي پوليس جي جاچ رپورٽ رد ڪندي ڪيس ۾ ايم اين اي خالد لنڊ جو نالو ۽ اي ٽي سي جو قلم به بحال رکيو، ڊي آءِ جي ڪرائيم برانچ هڪ ڀيرو ٻيهر هاءِ ڪورٽ جو حڪم ڄاڻائيندي صحافي جي قتل ڪيس جو جاچ آفيسر تبديل ڪري ڇڏيو، ان جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.ٻي پاسي شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي ڀاءُ يعقوب گڏاڻي عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته ڪيس جي جاچ مڪمل ٿي چڪي آهي، شهيد نصرالله جي ڪيس جي جاچ آفيسر سراج لاشاري پنهنجي جاچ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ته جوابدار خالد لنڊ پوڙهو آهي، تنهنڪري سندس نالو ڪيس مان خارج ڪيو وڃي ۽ شهباز لنڊ ۽ نورمحمد لنڊ ٻئي ڄڻا برڪت ۽ اصغر لنڊ سان رابطي ۾ هئا. يعقوب گڏاڻي ٻڌايو ته ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج گهوٽڪي جي عدالت جي حڪم کانپوءِ جوابدار هاڻ ڪيس کي خراب ڪرڻ لاءِ حربا هلائي جاچ آفيسر تبديل ڪرائي رهيا آهن، هن آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي تنوير تنيو کان مطالبو ڪيو ته ڪيس جي رپورٽ فوري طور تي جمع ڪرائي وڃي ۽ اسان سان انصاف ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ اسان به ڪنهن ٻئي فورم جو دروازو کڙڪائينداسين.