گولاڙچي ۾ سوين خاندان روڊن ۽ بندن تي ننڌڻڪا

گولاڙچي(ن ع آ) گولاڙچي تعلقي ۾ سم نالن کي گهارا لڳڻ بعد بي گهر ٿيل سوين خاندان روڊن ۽ بندن تي نڌڻڪا ويٺل آهن، آبپاشي کاتو يو سي ترائي جي سم نالن آر ون ۽ آر ٿري کي لڳل گهارا بند ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو، 150 کان وڌيڪ ڳوٺ ٻوڙيندڙ سم نالن جا گهارا 11 ڏينهن گذرڻ باوجود بند نه ٿي سگهيا، ڳوٺن مان لڏپلاڻ ڪري بندن ۽ روڊن تي ويٺل  سوين خاندانن جي انتظاميا توڙي سرڪار سار نه لڌي، متاثر خاندان کاڌ خوراڪ، پيئڻ جي پاڻي ۽ دوائن جي کوٽ کي منهن ڏيڻ لڳا، کليل آسمان هيٺ جهوپڙين ۾ راتيون گهارڻ سبب ڪيترائي ٻارڙا بيمار ٿي پيا آهن، بي گهر ٿيل ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته بدين جي ضلعي انتظاميا توڙي سرڪار پاران رين ايمرجنسي لاءِ مقرر ڪيل فوڪل پرسنز ڪا به سار نه لڌي آهي، ٻچا بکن ۽ بيمارين ۾ پاهه ٿي ويا آهن، ڪجهه سماجي تنظيمن پاران متاثرين کي کاڌ خوراڪ ۽ خيما ڏيڻ کانسواءِ ٻي ڪا به امداد نه پهچي سگهي، متاثرن سنڌ سرڪار ۽ ضلعي انتظاميا کي مدد جي اپيل ڪئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.