اختر مينگل جي پارليامينٽ کي الوداع چوڻ واري معاملي کي سنجيدگي سان ڏسڻ گهرجي

ڪجهه ڏينهن اڳ بلوچستان نيشنل پارٽي جي اڳواڻ اختر مينگل پارليامينٽ جي رڪنيت تان اهو چئي استعيفيٰ ڏني ته پارليامينٽ ۾ ويهڻ جو ڪو فائدو ناهي، پارليامينٽ ۾ بلوچستان جي حقن ۽ کنڀيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ آواز اٿارجي ٿو ته ڪير ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. اسان بلوچ عوام کي اهو چئي ووٽ ورتو ته قومي اسيمبلي ۾ وڃي ڪري بلوچستان جي مسئلن تي ڳالهائينداسين ۽ مسئلا حل ڪرائينداسين پر ڏٺو اهو ويو آهي ته مسئلا ختم ٿيڻ بدران ويتر وڌي رهيا آهن. ملڪ اندر آئين، قانون ۽ جمهوريت نالي ڪا شئي ناهي سو تيستائين پارليامينٽ کي الوداع ڪجي ٿو جيستائين ملڪ اندر آئين ۽ قانون جي حڪمراني قائم نه ٿي ٿئي.

اسان پهريون به ايڊيٽوريل ۾ اختر مينگل جي ان استعيفيٰ جي روح ۾ سمايل اصولي ۽ اخلاقي موقف کي ساراهيو هو ته هن اهو مثال قائم ڪيو آهي ته جنهن پارليامينٽ ۾ عوام جا مسئلا حل نه ڪرائي سگهجن اتي فضول ويهڻ جو ڪو فائدو ناهي. اها به حقيقت آهي ته اهڙي سوچ نظرياتي اصولي ۽ باضمير سياستدان وٽ ئي ٿي سگهي ٿي باقي عام ايم اين ايز ته قومي اسيمبلي ۾ وڃي ننڊون ڪندا آهن پر اختر مينگل جي ضمير پارليامينٽ اندر ويهي بلوچستان لاءِ ڪجهه نه ڪري سگهڻ تي پاڻ کي بار سمجهيو ۽ پنهنجي ذاتي پگهار، ايم اين اي جي سيٽ ۽ سمورين رعايتن مراعاتن کي ٿڏڻ وارو جرائتمنداڻو قدم کنيائين ۽ گڏوگڏ پارليامينٽ کي پڻ پنهنجي اوقات ڏيکاريائين ته اوهان جي ملڪي سيٽ اپ ۾ ڪا عزت ۽ خود مختياري ناهي، اهڙي پارليامينٽ ۾ ويهڻ کان ڀلو آهي ته بلوچ عوام سان وڃي گڏ بيهجي.

سو اختر مينگل نه رڳو، قومي اسيمبلي مان استعيفيٰ ڏني آهي پر پارليامينٽ جي وجود کي به سواليه نشان بڻائي ڇڏيو آهي ۽ پارليامينٽ کي بلوچستان جي اشو کي حل ڪري ڏيکارڻ جو چئلينج به ڏنو آهي. ڏسڻو اهو آهي ته قومي اسيمبلي ان چئلينج کي قبول ڪري ٿي يا نه. ٻئي پاسي پارليامينٽرين جو اهو موقف هوندو آهي جيئن سينيئر اڳواڻ رضا ربانيءَ بيان ڏنو آهي ته بلوچستان جي مسئلي جو حل نه ٻاهر آهي، نه آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ آهي پر پارليامينٽ اندر ئي آهي ۽ پارليامينٽ ئي بلوچستان جي اشو تي بحث ڪري اهو مسئلو حل ڪري سگهي ٿي.

رضا رباني جو اهو موقف هونئن ته اصولي آهي، پارليامينٽ ئي آئيني طور تي ملڪ جو فيصلائتو ادارو آهي پر عملي طور ڏسجي ته پنهنجي ملڪ جي اقتداري واڳ اسٽيبلشمينٽ غيرقانوني طور تي پنهنجي هٿ ۾ رکي ڇڏي آهي، عملي طور اسٽيبلشمينٽ ئي ملڪ کي هلائي رهي آهي ۽ نظريئه ضرورت تحت ان هر دور ۾ عدالتن کان ان حوالي سان اين او سي پئي ورتي آهي. ملڪ جي بحرانن ۽ تباهين جو اصل ڪارڻ به اهو ئي آهي. هي ملڪ تڏهن ئي بهتر طريقي سان هلي سگهندو جڏهن ان کي هلائڻ جو اختيار پارليامينٽ کي ڏنو ويندو، اختر مينگل به اهو ئي چوي ٿو. سو جيستائين ملڪ اندر پارلياماني ۽ آئيني نظام طاقتور نه هوندو تيستائين ملڪ ۽ عوام ترقي نه ڪري سگهندو.

هاڻي سوال اهو ٿو پيد ٿئي ته ملڪ جي پارلياماني نظام کي ڪير مضبوط ڪندو. اسان جو خيال آهي ته اهو پارليامينٽ جي ميمبرن جو فرض آهي ته اهي پاڻ ۾ متحد ٿي، سياسي ۽ پارٽي اختلافن کي هڪ پاسي تي رکي پارليامينٽ کي مضبوط ڪن ۽ ان معاملي کي چئلينج ڪري وٺن. پر افسوس ته پارلياماني ميمبرن جي ان پاسي اها سنجيدگي ناهي ۽ نه ئي اختر مينگل جي چئلينج کي قبولڻ جو ڪو ارادو لڳي ٿو. جڏهن ته حالتن جي ملڪ جي بقا جي تقاضا آهي ته ، اسٽيبلشمينٽ ۽ عدالت جي مداخلت کي روڪڻ لاءِ پارلياماني ميمبر پاڻ ۾ متحد ٿين. پر عام طور تي ڏٺو اهو ويو آهي ته اقتداري جماعتون اسٽيبلشمينٽ جي معرفت ئي حڪومت ڪرڻ چاهينديون آهن. پي ٽي آءِ ته عالم آشڪار پارليامينٽ کي ڪجهه ئي نه ٿي سمجهي اها سڀ ڪجهه اسٽيبلشمينٽ کي سمجهي ٿي ۽ ان سان ئي ڳالهيون ڪرڻ يا ڪنهن به قسم جي ڊيل ڪرڻ جي قائل آهي معنيٰ ته پي ٽي آءِ پارليامينٽ بدران اسٽيبلشمينٽ کي ئي طاقت جو سرچشمو سمجهي ٿي جيڪا غير سياسي سوچ آهي. اها به افسوس جوڳي ڳالهه آهي ته پي ٽي آءِ اسٽيبلشمينٽ جي بالادستي ختم ڪرڻ کي سياسي نظريو بڻائڻ بدران اها مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ جيڪي سينئر پارلياماني جماعتون آهن تن خلاف ئي جدوجهد ڪري رهي آهي ۽ انهن جي پارليامينٽ اندر رستا روڪ ڪرڻ کي ئي اها تبديلي به سمجهي ٿي ته انقلاب به- ڀلا ڪنهن عوامي جماعت کي پارليامينٽ کان ٻاهر ڪرڻ جي جدوجهد به ڪا سياسي ۽ جمهوري جدوجهد چئبي.

پي ٽي آءِ کي ته مضبوط جمهوريت ۽ مضبوط پارليامينٽ کي ئي سياسي نظريو بڻائڻ گهرجي پر پي ٽي آءِ جو ڪڏهن به پارليامينٽ تي ويساهه نه رهيو آهي. اسان جو خيال هو ته جيل ۾ وڃڻ کان پوءِ پي ٽي آءِ جو اڳواڻ عمران خان پارليامينٽ جي اهميت ۽ ضرورت کي وڌيڪ محسوس ڪندو پر ان جي رويي ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي جو ڪو آثار نظر نه ٿو اچي. البت پاڻ کي پي ٽي آءِ جي اڳواڻ بيرسٽر گوهر ايوب جي ان بيان تي خوشگوار حيرت ٿي آهي جنهن ۾ هو اختر مينگل کي پارليامينٽ ۾ ويهي مسئلا حل ڪرائڻ جي صلاح ڏئي ٿو. اسان جو خيال آهي ته اهڙي صلاح کيس پنهنجي قائد کي به ڏيڻ گهرجي  ته هو پارليامينٽ جي حيثيت کي قبول ڪري ۽ پارليامينٽ جي سڀني جماعتن سان اتحاد ڪري پارليامينٽ کي مضبوط ڪرڻ گهرجي. اسان جي خيال ۾ پي ٽي آءِ جيڪڏهن جمهوري نظام ۾ يقين رکي ها ته اها پ پ يا مسلم ليگ (ن) سان اتحاد ڪري چونڊن جي نتيجن جي روشني ۾ حڪومت به ٺاهي سگهي پئي پر ان ائين نه ڪري وڏي سياسي غلطي ڪئي آهي.

پر هاڻي ڪنهن به سياسي ۽ پارلياماني جماعت وٽ غلطي جي گنجائش ناهي هاڻي پارليامينٽ کي ملڪ جي واڳ سنڀالڻ جو چئلينج آهي، اها پارليامينٽ ئي آهي جنهن کي سنڌ، بلوچستان، خيبرپختونخواهه جا وفاق کان حق وٺڻا آهن پر اها طاقت پارليامينٽ تڏهن اختيار ڪري سگهندي جڏهن ان ۾ موجود ڌريون پاڻ ۾ اتحاد ڪنديون.

اهو به پارليامينٽ جو فرض هو ته اها اختر مينگل کي الوداع ٿيڻ نه ڏي ها ڇاڪاڻ ته هو قومي ڌارا ۾ هو. قومي ڌارا واري جماعت يا اڳواڻ کي پارليامينٽ مان مايوس ٿيڻ نه ڏجي ها پر افسوس ته پارليامينٽ اهو ڪردر ادا نه ڪري سگهي ۽ اختر مينگل کي مايوس ٿيڻ تي مجبور ڪيو آيو. کيس گهرجي ته اختر مينگل ۽ عليحدگي پسند جماعت جو اعتماد بحال ڪري پر ان لاءِ پارليامينٽ کي پنهنجي طاقت سڀ کان اڳ ۾ بحال ڪرڻي پوندي ۽ عوام مٿان ثابت ڪرڻو پوندو ته ملڪ جي بقا پارليامينٽ سان ئي جڙيل آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.