فيض حميد ڪيس فوج جو اندروني معاملو آهي: بئريسٽر سيف

پشاور (م ڊ) خيبرپختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر محمد علي سيف چيو آهي ته جنرل (ر) فيض حميد جو  معاملو فوج جو اندروني معاملو آهي. اداري کي اڳوڻي جنرل خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو قانوني اختيار حاصل آهي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي بئرسٽر سيف جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني فيض حميد يا ڪنهن ٻئي جنرل سان رابطي ۾ هو، تڏهن هو وزيراعظم هو، ائين ناهي ته عمران خان جنرل فيض کان ڪو غير قانوني ڪم ڪرايو هجي. بئريسٽر سيف وڌيڪ چيو ته حڪومت چاهي ٿي ته باني جو ڪيس فوجي عدالت ۾ هلي، ان ڪري هن معاملو عدالت جي نوٽيس ۾ آندو.  هن چيو ته جعلي حڪومت اليڪشن ڪميشن سان گڏجي سيٽن تي قبضو ڪيو.

  1. اسٽيٽ بئنڪ پاران نون نوٽن جا نمونا شارٽ لسٽ

ڪراچي(نيوز ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان نوان ڪرنسي نوٽ شارٽ لسٽ ڪندي نئين ڪرنسي نوٽن جي ڊيزائن جي مقابلي جا نتيجا جاري ڪري ڇڏيا آهن. اسٽيٽ بئنڪ موجب 9 ڊيزائنرز پاران موڪليل 10 ڊيزائنن کي شارٽ لسٽ ڪيو ويو آهي، جن جي ڊيزائن شارٽ لسٽ ڪئي وئي آهي انهن کي انعام ڏنا ويندا.اسٽيٽ بئنڪ موجب شارٽ لسٽ ڪيل ڊيزائن علامتي آهن، ماهرن تي مشتمل ڪميٽي محتاط جائزو وٺڻ کانپوءِ چونڊيا آهن. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جو چوڻ آهي ته شارٽ لسٽ ڪيل ڊيزائن پرڏيهي ڊيزائنرز کي موڪليا ويندا ۽ انهن جي راءِ کانپوءِ نوٽن جي ڊيزائن جي منظوري ڏني ويندي. اسٽيٽ بئنڪ پاران ڪرايل نوان ڪرنسي نوٽ ٺاهڻ جو مقابلو عورتن کٽي ورتو.  مقابلي جي نتيجن موجب پهرين نمبر تي آيل 5 بئنڪ نوٽ عورتن جا ٺاهيا هئا، جڏهن ته ڪامياب قرار ڏنل 10 مان 6 بئنڪ نوٽ عورتن ٺاهيا هئا.

  1. لاهور هاءِ ڪورٽ نادرا چيئرمين کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو

لاهور(بيورو+ م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ نادرا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد منير کي عهدي تان هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. درخواست  گذار اشبا ڪامران جي درخواست تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عاصم حفيظ لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته نگران حڪومت پاران چيئرمين نادرا جي مقرري غير آئيني هئي، نادرا چيئرمين جي مقرري لاءِ گهربل طريقيڪار جي پيروي نه ڪئي وئي هئي.جسٽس عاصم حفيظ فيصلي ۾ لکيو آهي ته وفاقي حڪومت هن مقرري کي قومي سلامتي پٽاندڙ ثابت نه ڪري سگهي، اها مقرري اهڙي وقت ڪئي وئي جڏهن نادرا ۾ سيڪيورٽي ليپس ۽ بي ضابطگيون ٿيون هيون.فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته رڳو ڊيٽا ليڪ ٿيڻ تي قابليت ۽ ميرٽ جي بنياد تي مقرري وارو عمل ترڪ ڪري نه ٿو سگهجي. نادرا چيئرمين جي مقرري لاءِ قومي سلامتي جو دليل قبول ڪرڻ جوڳو نه آهي، اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو هو ته نادرا چيئرمين جي مقرري قومي مفاد ۾ ڪئي وئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.