ماڻهو روز مرن ۽ جيئن ٿا پر ڪجھه ماڻهو بھارن جي حسناڪي جھڙا سدا حيات ڪردار هوندا آهن.
ملير جي جابلو پٽي گڏاپ هونئن ته سوين اُملهھ ماڻڪن کي جنم ڏنو آھي پر ڪجھ اھڙ اڻ ملُهھ ڪردار به سندس ڪُک مان نڪري نروار ٿيا آهن جن سنگ تراش وانگر پٿر ذهنن کي تراشي خوبصورت نظريا ڏئي عالم آشڪار ڪيو آهي.
اھڙين مھان شخصيتن مان حاجي رسول بخش واڍيلو به هو جنهن پنهنجي ڏاهپ ۽ دور انديشي سان ڪراچي ٻھراڙي خاص ڪري ملير جي مارو ماڻهن جي ڀلائي ۽ محفوظ مستقبل لاءِ حڪمت عملي سان بنا واھ واھ ڪرائڻ وڏي خاموشي سان پنهنجي حصي جو ڪم سرانجام ڏنو.
حاجي رسول بخش کي ملير سان اهڙي محبت هئي جيئن ساوڻ مند ۾ جبلن جي سرسبز وادين ۾ رھندڙ ڌراڙ پنهنجي ماڳن سان محبت ڪندا آهن ان محبت جي مانڌاڻ کيس ماٺو ڪري ويھڻ نٿي ڏنو اهو ئي سبب آهي جڏهن 1962ع ۾ لوڪل گورنمنٽ بحال ٿي ۽ ڪراچي ٻھراڙين جي ڪجھه علائقي موئيدان گڏاپ درساڻو ڇنو گهگهر ٻاڪراڻ کي ڪراچي کان ڌار ڪري ضلعي ٺٽي ۾ شامل ڪيو ويو ۽ يونين ڪائونسل درساڻو ڇنو وجود ۾ آئي ته گڏاپ واري پاسي حاجي رسول بخش ان جو ميمبر چونڊجي آيو. اهڙي ريت حاجي صاحب باقائده عوامي ڀلائي لاءِ ميدان عمل تي لٿو ۽ ٻھراڙين جي ترقي لاءِ تاريخي خدمتون سرانجام ڏنيون.
حاجي رسول بخش واڍيلو زمينن جي دنگن، جابلو رستن پنڌن پيچرن جو وڏو ڄاڻو هو سائين رخمان گل پالاري جي بقول ته کيس ڪراچي خاص ڪري ملير جي زمينن جي ٻاري ٻاري جي خبر هوندي هئي زمين جا دنگ ته ڪٿان ڪنهن جي زمين شروع ٿئي ٿي ڪٿان ڪنهن جي حاجي رسول بخش کي ان جي خبر هوندي هئي پاڻ گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو کيس ملير جي ٻھراڙين جي اصلي حيثيت کي جيئن جيئن رکڻ جو اونو هوندو هو تنهن ڪري پاڻ فارم کان مارڪيٽ تائين روڊ جو تصور ڏنو ته جيئن ملير جا آبادگار خوشحال ٿي سگهن ۽ ملير جي زراعت ترقي ڪري.
جيئن ڪراچي کي تازي ڀاڄين ۽ ميون سان گڏ صاف شفاف ماحول به ميسر ٿي سگهي حاجي رسول بخش ملير جي ندين جھرڻن باغن جبلن جي تحفظ لاءِ ملير کي مستقل طور گرين بيلٽ قرار ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪيون سندس چوڻ هوندو هو ته ملير جون نديون سدائين پاڻي وهڪرن سان سرشار هجن ته جيئن جر جو پاڻي ماروئڙن جي اڃ اُجھائي ۽ زمين جي زرخيزي کي برقرار رکي سگهي پر افسوس حاجي رسول بخش جي ملير تي ريتي بجري مافيا لينڊ گريبر رات جي رهزن وانگر اچي ڪڙڪيا ملير، سڪڻ، ٿڌي، لنگهجي مان ريتي بجري چوري ڪري جر کارو ڪري زمين تي بلڊوزر هڻي باغن کي اجاڙي بحريا ٽائون جھڙا ڪنڪريٽ جا جنگ بڻائي قدرتي حسناڪي کي تباه ڪري ملير کي ڀڙبانگ بڻائي ڇڏيو آهي.
حاجي رسول بخش بلوچ سنڌ مدرسي بورڊ جو تاحيات ميمبر رهيو. پاڻ ٻھراڙين ۾ سنڌ مدرسي بورڊ کان پبلڪ اسڪول قائم ڪرايو جنهن سان ٻھراڙي واري علائقن جي غريب شاگردن کي به اعليٰ تعليم جون سھولتون مسير ٿي سگهيون حاجي رسول بخش آبادگار سوسائٽي جو بانيڪار هو. پاڻ سوسائٽي جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر رهيو. 1980ع واري دور ۾ ضياءَ آمريت دوران مجلس شورا جو ميمبر رھيو حاجي رسول بخش ڪوششون ڪري وزير اعليٰ سنڌ غوث علي شاھ ۽ عبدﷲ شاھ کان نياڻين جي تعليم لاءِ 44 گرلز اسڪول منظور ڪرايا جنهن سان ملير جي ٻھراڙين ۾ نياڻين کي تعليمي سھولتون ملي سگهيون ۽ سوين نياڻيون انهن اسڪولن مان نڪري اعلي تعليم ادارن تائين پهتيون ۽ ملير ۾ نياڻين جي تعليمي تناسب ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو حاجي رسول بخش ايم اين اي عبدالحڪيم بلوچ سميت ملير جي ڪيترن ئي سياسي اڳواڻن جو استاد آهي سندس علم ڏاھپ دورانديشي سياسي بصيرت جي ڪري کيس ملير جو انسائيڪلو پيڊيا چيو ويندو آهي حاجي رسول بخش واڍيلو ملير واسين جي اميدن جو اھڃاڻ هو سندس لاتعداد خدمتون آهن جن تي ڪتاب لکي سگهجن ٿا.
اڄ ملير جي هن مدبر اڳواڻ رسول بخش واڍيلو جي ياد ۾ سندس ڳوٺ گاجان بلوچ گڏاپ ۾ عوامي پريس ڪلب ملير پاران ميڙاڪو ڪري کيس ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي، توڻي جو حاجي رسول بخش واڍيلو موجود ناهي پر سندس رهنمائي۽ ڌرتي جي ماڻهن لاءِ سندس ڪيل خدمتون اسان لاءِ مشعل راهه بڻجي رهنمائي ڪنديون رهنديون
حاجي رسول بخش واڍيلو زمينن جي دنگن، جابلو رستن پنڌن پيچرن جو وڏو ڄاڻو هو سائين رخمان گل پالاري جي بقول ته کيس ڪراچي خاص ڪري ملير جي زمينن جي ٻاري ٻاري جي خبر هوندي هئي زمين جا دنگ ته ڪٿان ڪنهن جي زمين شروع ٿئي ٿي ڪٿان ڪنهن جي حاجي رسول بخش کي ان جي خبر هوندي هئي پاڻ گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو کيس ملير جي ٻھراڙين جي اصلي حيثيت کي جيئن جيئن رکڻ جو اونو هوندو هو تنهن ڪري پاڻ فارم کان مارڪيٽ تائين روڊ جو تصور ڏنو ته جيئن ملير جا آبادگار خوشحال ٿي سگهن ۽ ملير جي زراعت ترقي ڪري.