فيض حميد ڪيس ۾ ملوث شخص جو ڪهڙو به عهدو هجي، ڪارروائي ٿيندي

راولپنڊي ( م ڊ ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته فوج قومي فوج آهي ۽ ان جي ڪابه سياسي ايجنڊا ناهي. فيض حميد ڪيس ۾ ملوث شخص جو ڪهڙو به عهدو هجي ان خلاف ڪارروائي  ٿيندي. راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي احمد شريف چوڌري چيو ته اڄوڪي پريس ڪانفرنس جو مقصد قومي سلامتي جي معاملن سان لاڳاپيل آهي، ملڪي سلامتي ۽ دهشتگردي خلاف کنيل قدمن جو احاطو ڪرڻ آهي. سندس چوڻ هو ته گذريل هڪ مهيني ۾ آپريشنز دوران 90 دهشتگردن کي دوزخ ڀيڙو ڪيو ويو، 8 مهينن ۾ 193 بهادر آفيسر ۽ جوان شهيد ٿيا، سڄي قوم شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪري ٿي. ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته ملڪ ۾ ڪوبه اهڙو علائقو ناهي جتي دهشتگردن جي عملداري هجي، هلندڙ سال دهشتگردن خلاف 32 هزار کان وڌيڪ آپريشنز ڪيا ويا، روزاني بنياد تي 130 کان وڌيڪ آپريشن ڪيا ويندا آهن. هن چيو ته فتنه الخوارج ۽ دهشتگردي خلاف جنگ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رهندي، جڏهن کان افغانستان ۾ عبوري حڪومت آئي آهي فتنه الخوارج ۽ دهشتگردن جي مددگار وڌي چڪي آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته 25 ۽ 26 آگسٽ جي رات دهشتگردن بلوچستان ۾ ڪارروايون ڪيون، اهي ڪارروايون ملڪ جي اندر ۽ ٻاهر دهشتگردن جي حڪم تي ڪيون ويون، سندن مقصد بيگناهه ماڻهن کي نشانو بڻائي بلوچستان جي پرامن ماحول ۽ ترقي کي متاثر ڪرڻ آهي. ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته فورسز جوابي ڪارروائي ڪندي 21 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو، جنهن دوران 14 جوان شهيد ٿي ويا، بلوچستان ۾ احساس محرومي جو تاثر آهي، عوام ۾ به احساس محرومي ۽ رياستي ڏاڍ جو تاثر آهي، جنهن کي ڪجهه پرڏيهي عنصر ناڪاري مقصدن لاءِ استعمال ڪندا آهن. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪ فوج ڪنهن به پارٽيءَ خلاف ناهي ۽ نه ئي ڪا سياسي ايجنڊا آهي، جيڪڏهن فوج ۾ ڪو ماڻهو پنهنجي ذاتي مفاد لاءِ مخصوص سياسي ايجنڊا کي هٿي وٺرائيندو ته پوءِ خود احتسابي جو نظام حرڪت ۾ ايندو، ليفٽيننٽ جنرل فيض. حميد ڪيس ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته فوج ٻين ادارن کان توقع رکي ٿي ته هوبه اداري کي ذاتي ۽ سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪندڙ هر فرد جو احتساب ڪن. پاڪ فوج جي ترجمان چيو آهي ته ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد خلاف ٽاپ سٽي ڪيس ۾ بچاءَ واري وزارت ذريعي درخواست ملي هئي، 12 آگسٽ تي فوج کي ٻڌايو ويو ته رٽائرڊ آفيسر آرمي ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪئي ۽ رٽائرمينٽ کانپوءِ به ڪيترائي واقعا پيش آيا. ايڪٽ جي خلاف ورزي سامهون آئي، جنهن تي جنرل (ر) فيض حميد خلاف ڪجهه سياسي عنصرن جي چوڻ تي قانوني ۽ آئيني حدون پار ڪيون ويون. هن چيو ته فيض حميد ڪيس ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪ فوج ذاتي ۽ سياسي مفادن لاءِ ٿيندڙ خلاف ورزين کي سنجيدگيءَ سان وٺندي آهي ۽ بنا فرق جي قانون موجب ڪارروائي ڪندي آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو آهي ته پاڪ فوج ۾ خود احتسابي جو نظام شفاف عمل آهي، پاڪ فوج خود احتسابي جي عمل تي يقين رکي ٿي، خود احتسابي جو نظام الزامن بدران مضبوط ثبوتن تي ڪم ڪري ٿو. ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته جڏهن دهشتگردن خلاف ڪارروائي نه ٿيندي، ترقي نه ٿيندي ته ان سان احساس محرومي ۽ رياستي عملداري جو بياينو اڳتي وڌندو، دهشتگرد رياست کي وڌيڪ ڌمڪيون ڏيندا ۽ بزدلاڻو عمل جاري رهندو ، 25 آگسٽ 26 جي رات جو واقعا ساڳيا ٻاهرين فنڊ ٿيل راند جو حصو هئا. هن چيو ته جيڪي ماڻهو ائين ڪن ٿا انهن جو انسانيت ۽ بلوچ قدرن سان ڪو به واسطو ناهي ۽ شهرين تي ظلم ڪرڻ ۽ ان تي فخر ڪرڻ انهن جي ذهنيت ۽ مايوسي جو عڪاسي آهي، مان دهشتگردن کي واضح پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته شهري رياست زندگي ۽ ترقي جي دشمنن کي لوهي هٿن سان منهن ڏيندو. پاڪ فوج جي ترجمان چيو آهي ته فوج پنهنجي دفاعي خرچن ۾ گهٽتائي ڪئي آهي جڏهن ته فوج ڊيوٽي ۽ ٽيڪس جي مد ۾ 100 ارب رپيا جمع ڪرايا آهن. ان سوال تي ته فيض حميد ۽ سندس ڪورٽ مارشل جي ڪارروائي اڳتي وڌي رهي آهي، پي ٽي آءِ خدشو ظاهر ڪري رهي آهي ته عمران خان کي فوجي حراست ۾ ورتو وڃي يا سندس خلاف فوجي ايڪٽ تحت ڪارروائي ٿي سگهي ٿي.  ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته اهو معاملو التوا ۾ آهي ۽ توهان جو سوال مفروضن تي ٻڌل آهي پر مان توهان کي ٻڌايان ته فوجي قانون موجب  جيڪڏهن ڪو به فرد يا فرد جيڪي آرمي ايڪٽ جي تابع آهن انهن کي ذاتي يا سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪن ٿا ۽ ان جا ثبوت موجود آهن ته قانون پنهنجو رستو اختيار ڪندو. هن چيو ته وفاقي سطح تي ملڪ جو وزيراعظم هڪ بلوچ رهيو آهي، چيف جسٽس آف پاڪستان، عدليه، فوج ۽ اعليٰ عهدن تي وڏي تعداد ۾ بلوچ آهن ته پوءِ مسئلو ڇا آهي؟ مسئلو اهو آهي ته انهن بيانن جي پويان ٻاهرين سوچ آهي. ان سوال تي ته جنرل فيض حميد کي آءِ ايس آءِ جي عهدي تي آندو پيو وڃي ته پوءِ اهو خدشو نه هو ته هو ڪنهن سياسي پارٽي ۾ شامل ٿيندو؟ ڊي جي آءِ ايس پي آر جواب ڏنو ته آءِ ايس آءِ جو سڌو سنئون سربراهه وزيراعظم آهي، توهان ان وقت جي وزيراعظم جو ذڪر نه ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.