آءِ ايم ايف پروگرام: حڪومت نجي بئنڪ کان هڪ ارب ڊالر قرض گهري ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) آءِ ايم ايف پروگرام جي منظوري لاءِ حڪومت نجي بئنڪ کان هڪ ارب ڊالر قرض گهري ورتو.
آءِ ايم ايف قرض منظوري لاءِ پرڏيهي فنانسنگ گيپ کي پورو ڪرڻ لاءِ حڪومت تجارتي قرض بحال ڪرڻ جي رسمي درخواست ڪري ڇڏي.
ذريعن موجب، پاڪستان اسٽينڊرڊ چارٽرڊ بئنڪ کان اسي ڪروڙ ڊالر کان هڪ ارب ڊالر تائين تجارتي قرض بهال ڪرڻ جي درخواست ڪئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي درخواست تي بئنڪ اصولي طور تي پاڪستان لاءِ قرض جي ڪريڊٽ لائين بحال ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو.
پاڪستان اهڙي ئي هڪ ٻي درخواست سعودي کي به ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ سعودي عرب کان هڪ ڏهائي ٻه ڊالر جي تيل جي سهولت بحال ڪرڻ جو چيو ويو آهي.
سعودي عرب مان درخواست جي تصديق ٿيندي ئي اختيارين آءِ ايم ايف جي ايگزيڪٽيو بورڊ کان ليٽر آف انٽينٽ تي صحيح ڪري اِهو آءِ ايم يف جي ايگزيڪٽيو بورڊ ڏانهن اُماڻي ڇڏينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.