سرگوڌا (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب دعويٰ ڪئي آهي ته عمران خان جو ملٽري ٽرائل نه ٿيندو.
9 مئي واقعن ۾ سرگوڌا جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي عمر ايوب چيو ته پي ٽي آءِ جي جن اڳواڻن جا فوجي ٽرائل ٿي رهيا آهن، اهي سياسي قيدي آهن، پي ٽي آءِ باني جو فوجي ٽرائل نه ٿيندو.
هن چيو ته مان اختر مينگل کي استعيفيٰ واپس وٺڻ جو چيو آهي، بلوچستان ٻري رهيو آهي پر ڪنهن کي ڳڻتي ناهي.
سندس چوڻ هو ته بجلي سستي ڪرڻ جو اعلان ڪري ايندڙ ڏينهن ئي بجلي مهانگي ڪئي وئي، فارم 47 جي حڪومت مهانگائي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي.
عمر ايوب چيو ته جيڪڏهن 9 مئي جا ثبوت آهن ته سامهون آندا وڃن، اپوزيشن جماعت ملڪ ۽ جمهوريت جي بقا جي جدوجهد ڪري رهي آهي.
You might also like