لاهور(معظم فخر)آءِ ايس آءِ جي گرفتار سربراهه جنرل(ر) فيض حميد اداري جي اڳوڻي سربراهه جنرل(ر)حميد گل جي خاندان کي به بخش نه ڪيو، راولپنڊي ۾ حميد گل جي نياڻي جي ٽرانسپورٽ ڪمپني کي بند ڪرايو ويو، ذريعن موجب فيض حميد آءِ ايس آءِ سربراهه طور مقرري دوران ڪرنل لياقت ذريعي حميد گل جي نياڻي عظميٰ گل کي پيغام موڪليو ته توهان جي روالپنڊي واري بس اڏي جي زمين فيض حميد کي کپي ٿي،24 ڪلاڪن ۾ اهو اڏو خالي ڪريو،ان اڏي جي زمين تي فيض حميد کي پلازه ٺاهڻو آهي، جنهن بعد عظميٰ گل کي پنهنجي مقبول ترين بس سروس ”وران“ بند ڪرڻي پئي،فيض حميد پنهنجي گهر جي ايراضي وڌائڻ لاءِ ڪيترائي ايڪڙ زمين تي غيرقانوني طور قبضا ڪيا، هن سان هڪ عدالتي شخصيت به ڏوهن ۾ شامل هئي، ٽاپ سٽي هائوسنگ اسڪيم تي ڇاپي دوران ان جي مالڪ جون کنيل ٻه قيمتي گاڏيون فيض حميد جسٽس(ر)ثاقب نثار کي تحفي طور ڏنيون،عدالت ۾ معاملو اٿڻ تي ثاقب نثار هڪ گاڏي واپس ڪري ڇڏي جڏهن ته نجم ثاقب کان گاڏي رينجرز واپس ورتي.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، خميس 05 سپٽيمبر 2024ع تي شايع ٿيو