ڪوئيٽا(م ڊ) گوادر جي رهواسين جو چوڻ آهي ته بلوچ يڪجهتي ميڙاڪو اسان جي حق ۾ هو، هڪ عورت سان وڙهڻ لاءِ 10، 15 هزار سيڪيورٽي اهلڪارن کي گهرايو ويو. ڇا هي حڪومت آهي؟ ڇا حڪومت اهڙي هوندي آهي؟ بي بي سي جي رپورٽ موجب اهي سوال گوادر مئرين ڊرائيو تي پدري زر جيٽي تي پنهنجي ڪم ۾ مصروف هڪ 65 سالن جي ماهيگير محمد صالح ڪيا، انجمن تاجران گوادر جي صدر حاجي غلام حسين دشتي جو چوڻ آهي ته بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جا ڪجهه مطالبا اهڙا آهن جيڪي اڳ ۾ ئي هتي (گوادر) جا بنيادي مسئلا آهن ۽ ماڻهو چاهين ٿا ته اهي سمورا بنيادي مسئلا هاڻي حل ڪيا وڃن. هتي نه پاڻي آهي، نه بجلي، نه اسٽرڪ جو نظام. ان صورتحال ۾ جڏهن به ماڻهو کي ڪٿان اميد جي ڪِرڻِ نظر ايندي آهي ته اهو سوچيندا آهن ته شايد هاڻي سندن مسئلا حل ٿي ويندا، گوادر بار جي صدر محمد صديق بلوچ جو چوڻ آهي ته سول سوسائٽي جي سياست مختلف آهي. هنن کي ووٽ نه پر گم ٿيل ماڻهو گهرجن. ڪيترن ئي گم ٿيل جا لاش مليا آهن، بلوچستان ۾ هر ٻيو، ٽيون گهر ان صورتحال کان متاثر آهي.گوادر جي سينيئر صحافي اسماعيل بلوچ جو چوڻ آهي ته مڪران سميت گوادر جي عوام جون شڪايتون وقت سان گڏ وڌي رهيون آهن پر ان سڀني جو هڪ تاريخي پس منظر آهي. بلوچ ليکڪ عين قادر جو چوڻ آهي ته قومپرستن جي سياست ڊرائنگ روم تائين محدود آهي جتي عام ماڻهوءَ جي ڪابه پهچ ناهي. هتي جو عام ماڻهو چاهي ٿو ته ڪو سندس مسئلن تي ساڻس گڏ هجي. حميده اختر ايڊووڪيٽ جو چوڻ آهي ته گوادر ميڙاڪي ۾ آيل سڀني عورتن جو هڪ ئي خيال هو ته يڪجهتي ڪميٽي انهن لاءِ ڪجهه ڪرڻ ۽ انهن لاءِ آواز اٿارڻ آئي آهي.