فيض حميد آءِ ايس آءِ جي ڊيٽا چوري ڪري ويو، نومبر ۾ به وڏي ڪارروائي رٿيل هئي؟

اسلام آباد(ابصار عالم)آءِ ايس آءِ جي گرفتار سربراهه جنرل(ر)فيض حميد رٽائرمينٽ بعد آءِ ايس آءِ جي سموري ڊيٽا پاڻ سان گڏ گهر کڻي ويو،ان ڊيٽا ۾ سمورن سياستدانن،جنرلن،ججن ،صحافين بابت معلومات شامل آهي، انتهائي حساس قسم جي ڊيٽا گڏ کڻي وڃڻ  وڏو ڏوهه آهي هن خلاف آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت ڪيس داخل ٿي سگهي ٿو،اها ڊيٽا هن جي گهر مان هٿ اچي وئي آهي،ذريعن موجب چڪوال ۾  فيض حميد جي گهر ۽ فارم هائوس  تي ٻيهر به چڙهائي ڪئي وئي، جڏهن ته هن جو تپيدار ڀاءُ نجف حميد اڃا تائين روپوش آهي،جڏهن ته فيض حميد جي هٿن سان لکيل ٻه ڪاغذ به مليا آهن جنهن ۾ 9 مئي تي حملن واري هنڌن بابت ڄاڻ شامل آهي، ان ڪاغذ ۾ نومبر ۾ به هڪ  وڏي رٿابندي لکيل هئي،جڏهن ته کنڀي گم ڪيل ماڻهن کي سيف هائوسز ۾ رکي فيض حميد اهو به چوندي ٻڌو ويو آهي ته ڪنهن کي موت ڏيڻو آهي ڪنهن کي زندگي،ڪنهن کي ذلت ڪنهن کي عزت اهو فيصلو اسان ڪندا آهيون، فيض حميد کي پنهنجي تڪبر ۽ حد کان وڌيڪ پراعتمادي زوال جو شڪار بڻايو،هن کي اندازو نه هو ته هو ڪڏهن گرفتار به ٿي سگهي ٿو، فيض حميد جي چوڌاري جيڪي به رٽائرڊ ۽ حاضر سروس ماڻهو هئا اهي سڀ پڪڙيا ويا آهن جيڪي سينئر سطح تي هن سان رابطن ۾ هئا، انهن جي به سڄي خبر پئجي وئي آهي،جنرل فيض علي امين گنڊاپور سان روزانو رابطي ۾ هوندو هو، خيبرپختونخوا کي جنرل(ر)فيض حميد  ئي هلائي رهيو هو، اهو به انڪشاف ٿيو آهي ته 9 مئي تي انتهائي حساس عمارت تي حملي جي رٿابندي ٿيل هئي ان بلڊنگ ۾ اهم هٿيار رکيل هئا ۽ ان جي هر ڪنهن کي خبر به نه هئي، تربيت يافته ماڻهن ذريعي ان عمارت تي قبضي جو پلان هو، فيض حميد جي حق ۾ اڄ به ٽي وي چئنلن تي رکرايل رٽائرڊ ماڻهو هن جي حق ۾ پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن،عمران خان کي اڄ فيض حميد جو نيٽ ورڪ معلومات پهچائي رهيو آهي ان ڪري کيس فوجي عدالت ۾ ٽرائل جو ڊپ ورائي ويو آهي،فيض حميد خلاف آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ الڳ الڳ جاچ ڪئي ان بعد جي ايڇ ڪيو الڳ سان رپورٽ ٺاهي آهي، ان کانپوءِ فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل جي ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي ، جيئن هاءِ ڪورٽن ۽ سپريم ڪورٽ ۾ ويٺل پي ٽي آءِ جج پنهنجي”پياري“ کي ڪنهن به قانوني بهاني سان بچائي نه سگهن، ڊيٽا کڻي وڃڻ ۽ ٽاپ سٽي واري ڪيسن ۾ اڳوڻو آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا به مشڪل ۾ آهي،ڪرپٽ جنرلن نه پاڪستان نه ئي پاڪستان فوج جو سوچيو، انهن رڳو پنهنجا گهر ڀريا، اها سٺي ڳالهه آهي ته ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ اعلان ڪيو ويو ته اداري ۾ ڪنهن به ڪرپٽ شخص کي برداشت نه ڪيو ويندو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، خميس 05 سپٽيمبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.