ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي جنرل سيڪريٽري، جي ڊي اي جي اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم چيو آهي ته پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت سان گڏجي پاڻي جي ورڇ واري تسليم ٿيل اداري ارسا قانون ۾ ترميم آڻڻ چاهي ٿي جنهن کي قبول نه ڪيو ويندو، سنڌ جو پاڻي روڪيو ويو ته سنڌ جو عوام روڊن تي هوندو. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته سنڌو درياهه جي پاڻي تي پهريون حق سنڌ جو آهي، زرداري ليگ اقتدار لاءِ سنڌ دشمن فيصلا ڪري رهي آهي، ارسا ايڪٽ ٻٽي نظام کان به وڌيڪ خطرناڪ ۽ سنڌ دشمني تي ٻڌل آهي، پ پ ارسا قانون کي تبديل ڪري سنڌ کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. سنڌ اسيمبلي ۾ مهليي رٿ آڻي عوام سان دوکي جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.