اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) انٽربورڊز ڪو آرڊينيشن ڪميشن ۽ بين الصوبائي وزارت جي سهڪار سان اسڪولز ۽ ڪاليجز سطح تي راندين کي هٿي وٺرائڻ واري معاملي تي اهم اڳڀرائي ٿي آهي.
بين الصوبائي وزارت ۾ اهم اجلاس ڪوٺايو ويو جنهن ۾ انٽربورڊز ڪو آرڊينيشن ڪميشن ( آءِ بي سي سي ) جي ايگزيڪٽيو ڊائريڪٽر، ڊاڪٽر غلام علي ملاح ۽ بين الصوبائي وزارت ( آءِ پي سي ) جي سيڪريٽري نديم ارشاد ڪياني شرڪت ڪئي.
تعليم واري وفاقي وزارت ۽ پروفيشنل تربيت (MoFEPT) جي سيڪريٽري جي هدايتن تي ڪوٺايل اجلاس جو مقصد سڄي ملڪ جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ راندين کي ٻيهر هٿي ڏيڻ لاءِ مختلف قدم کڻڻ تي غور ويچار ڪرڻ هو.
ٻنهي سربراهن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته تعليمي ادارا مختلف راندين لاءِ ٽيلنٽ جي نرسري آهن ۽ نوجوان رانديگرن جي نشاندهي، سکيا ۽ ترقي لاءِ هڪ گڏيل طريقيڪار اپنائڻ جي ضرورت آهي.
اجلاس دوران ڊاڪٽر غلام علي ملاح ۽ نديم ارشاد ڪياني اسڪول جي سطح تي نوجوان رانديگرن جي پي پناهه صلاحيتن کي نکارڻ جي اهميت تي زور ڏنو، سندن ويزن آهي ته انهن رانديگرن کي قومي ۽ بين القوامي مقابلن لاءِ تيار ڪيو وڃي، ان سلسلي ۾ اهڙن علائقن تي ڌيان ڏنو ويندو جتي ڪنهن مخصوص راند ۾ غير معمولي صلاحيت جو مظاهرو ڪيو ويو آهي ۽ هڪ اسٽريٽيجڪ پلان تيار ڪيو ويندو ته جيئن رانديگرن کي مخصوص مد ۽ سکيا فراهم ڪري سگهجي.
ان پلان تحت پاڪستان اسپورٽس بورڊ ڪوچنگ، راندين جي سامان ۽ نوجوان رانديگرن جي غذائي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مڪمل مدد فراهم ڪندو، گڏيل ڪوشش هڪ مضبوط ٽيلينٽ پائپ لائين ٺاهڻ جو مقصد رکي ٿي جيڪا پاڪستان جي عالمي سطح تي راندين ۾ موجودگي کي وڌائي سگهي.
ڊاڪٽر غلام علي ملاح ڀائيوارن تي اميد ظاهر ڪندي چيو ته اسان جي اسڪول ۽ ڪاليج سطح جا نوجوان ٽيلينٽ سان ڀرپور آهن جيڪي صحيح رهنمائي ۽ وسيلن سان بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري سگهن ٿا، اِهو سهڪار ملڪ ۾ راندين لاءِ هڪ مضبوط بنياد ٺاهڻ ڏانهن هڪ اهم قدم آهي.
بين الصوبائي وزارت ( آءِ پي سي ) جي سيڪريٽري نديم ارشاد ڪياني چيو ته بين الصوبائي وزارت بنيادي سطح تي راندين جي بحالي لاءِ پرعزم آهي.
اجلاس جي پڄاڻي تي عزم ورجايو ويو ته طئي ٿيل حڪمت عملين تي فوري طور عمل ڪيو ويندو، ان کانسواءِ اسڪول ۽ ڪاليج سطح تي ٽيلينٽ جي ڳولا لاءِ هڪ پائيدار راندين جو سسٽم جوڙڻ تي زور ڏنو ويو.