پ پ ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ 48 لک ايڪڙ زمين ڏيڻ ۽ پاڻي وهڪري جي تبديليءَ تي اعتراض واري ڇڏيا

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پيپلزپارٽيءَ ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ 48 لک ايڪڙ زمين ڏيڻ ۽ پاڻي جي وهڪري ۾ تبديليءَ تي اعتراض واري ڇڏيا.
اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيو، ته پ پ جي نويد قمر ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏيندڙ 4 ڏهائي 8 ملين ايڪڙ زمين ۽ پاڻي جي وهڪري ۾ تبديلي تي نويد قمر طرفان ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو ويو.
پاڻي وسيلن واري وزير مصدق ملڪ جواب ڏنو ته گرين ڪارپيٽو انيشيٽوِ تحت بنجر زمين پوکيءَ لائق بڻائڻ لاءِ 8 لک ايڪڙ زمين رکي وئي آهي، اهو پنجاب حڪومت جو منصوبو آهي، جنهن لاءِ ٻن صوبن پنجاب ۽ سنڌ سهڪار ڪيو آهي.
هن چيو ته اهو 211 ارب رپين جو منصوبو آهي، جنهن ۾ 296 ڪلوميٽر ڪينال ٺاهيو ويندو، پنجاب پنهنجي حصو جو پاڻي ڏيندو، ڪنهن به ٻئي صوبي جو پاڻي نه ورتو ويندو.
نويد قمر چيو ته ڪالا باغ ڊيم مان جان ڇڏائي ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جو پاڻي کنيو پيو وڃي، پاڪستان جهڙو ملڪ اهڙا منصوبا برداشت نه ڪري سگهندو.
هن چيو ته 48 لک ايڪڙ ايراضيءَ لاءِ پاڻي کڻڻ بعد سنڌ ڪهڙو پاڻي ملندو؟ اڳ ئي پاڻيءَ جي کوٽ آهي.
مصدق ملڪ چيو ته جيڪڏهن ڪو مونجهارو آهي ته گڏجي ويهي ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون، بلوچستان ۾ هڪ ملين ايڪڙ زمين جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي، جنهن کي آباد ڪرڻو آهي، سنڌ کي ڪو مسئلو آهي ته بي شڪ ايراضي واپس وٺي.
سيد خورشيد شاهه چيو ته هي تمام حساس معاملو آهي، ايوان هڪ ڪميٽي جوڙي ته ڪوٽڙيءَ کان هيٺ ڪيترو پاڻي وڃي ٿو، ڇا ڪنهن حساب لڳايو آهي ته 48 لک ايڪڙ ايراضيءَ لاءِ ڪيترو پاڻي گهربل هوندو، کين فيصلو ڪرڻو پوندو ته 48 لک ايڪڙ زمين گهرجي يا پاڪستان گهرجي؟
مصدق ملڪ چيو ته ملڪ ۾ دهشتگردي ڇو ٿيندي ۽ سنڌو ديش جو نعرو ڇو لڳندو؟ کين خبر آهي ته جيستائين اوهان سنڌ جا حڪمران آهيو ته اهڙو ڪجهه به نه ٿيندو.
وفاقي وزير چيو ته ان منصوبي لاءِ ٻن صوبن راضپو ظاهر ڪيو آهي، گرين انيشيٽو تحت سنڌ به زمين ڏني آهي، منصوبي مان حاصل ٿيندڙ آمدنيءَ جو 40 سيڪڙو صوبن ۽ 40 سيڪڙو سيڙپڪارن کي ڏنو ويندو، 20 سيڪڙو رقم تحقيق لاءِ رکي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.