ممبئي (ويب ڊيسڪ ) هڪ پاسي بالي ووڊ اداڪارا ايشوريا راءِ ۽ اداڪار اڀيشيڪ بچن جي طلاق جا افواهه گردش ڪري رهيا آهن ته ٻئي پاسي وري اداڪارا پنهنجي ساهرين پهچي سڀني کي دنگ ڪري ڇڏيو آهي.
بالي ووڊ شهنشاهه اميتاڀ بچن جي نونهن ۽ اڳوڻي سونهن راڻي ايشوريا راءِ پنهنجي ڌيءَ سان گڏ ساهرين پهچي وئي آهي.
ايشوريا راءِ جي اميتاڀ بچن جي گهر جنهن جو نالو ” جلسا “ آهي آمد جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، ايشوريا راءِ جون تصويرون ۽ وائرل وڊيو گذريل ڏينهن جي آهي، وڊيو ۾ ايشوريا کي سائي سوٽ ۽ آراڌيا کي اسڪول يونيفارم ۾ ڏٺو ويو .
ميڊيا رپورٽس موجب، اداڪارا ۽ سندس ڌيءَ آراڌيا گهر پهچڻ تي اتي موجود فوٽو گرافرز ڪا به موٽ نه ڏني ۽ نه ئي هٿ لوڏيو .
واضح رهي ته اڀيشيڪ بچن ۽ ايشوريا راءِ وچ ۾ عليحدگي ۽ ايشوريا جي بچن هائوس ڇڏڻ جا افواهه ڊگهي عرصي کان گردش ڪري رهيا آهن، جڏهن ته اميتاڀ بچن پنهنجي نونهن کي سوشل ميڊيا تان اَن فالو به ڪري ڇڏيو هو.
You might also like