ڪراچي ۾ طوفاني برساتن جي اڳڪٿي، ايئرپورٽ انتظاميا نئون الرٽ جاري ڪري ڇڏيو

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ جاري طوفاني برساتن کي نظر ۾ رکندي ايئرپورٽ انتظاميا نئون الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ ايئرپورٽ تي هلندڙ ايئر لائنز، گرائونڊ هينڊلنگ ۽ جنرل ايوي ايشن وارن علائقن کي مڪمل الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ايئرپورٽ اختيارين جهازن کي محفوظ هنڌن تي پارڪ ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

  1. بلوچستان ۾ برساتن کانپوءِ ٻوڏ جي تباهي، غذائي بحران ٿيڻ لڳو

ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ تيز برساتن کانپوءِ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي آهي. جعفرآباد ۽ نصيرآباد ۾ متاثر  کليل آسمان هيٺان امداد جا منتظر آهن، جڏهن ته نصيرآباد جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ٽن ڏينهن کان خوراڪ جي کوٽ آهي، رهواسين کي علاج ۾ به ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ٻئي طرف جهل مگسي ۾ رستا ڊهي پيا آهن، قلعه عبدالله وٽ ماچڪا ندي اوور ٽاپ ٿي وئي آهي، جنهن سبب باغن، فصلن ۽ گهرن کي نقصان پهتو آهي جڏهن ته قلعه سيف الله ۽ زيارت ۾ ڪيترائي روڊ، پل ۽ گهر لڙهي ويا. ٻئي طرف زيارت ڪوئيٽا هاءِ وي تي ٽريفڪ معطل آهي، جڏهن ته سبي کان ايندڙ گاڏي بيجي نديءَ ۾ لڙهي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.