پيرن جي حويلي مان گم ٿيل ثناءَ گراماڻي کي هفتي ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم

سکر(رپورٽ:آزاد مهر)راڻيپور جي پيرن جي حويلي مان سال 2021 ۾ گم ٿي ويل ناري ثناءَ گراماڻي جي بازيابي لاءِ پيءُ ديدار گراماڻي  جي درخواست جي سنڌهاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس محمود اي خان تي ٻڌل سنگل بئنچ ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي درخواستگذار جي وڪيل ذوهيب راجپوت  عدالت کي ٻڌايو ته ناري ثناءَ گراماڻي کي گم ڪرڻ جو مک ڪردار پير سهيل شاهه آهي، جيڪو درخواستگذار ڌر مٿان ڪوڙا ڪيس پيو داخل ڪرائي حراسان ڪري رهيو آهي، هوڏانهن  پوليس عملدار مير محمد عدالت کي استدعا ڪئي ته ناري ثناءَ گراماڻي کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ٻن هفتن جي مهلت ڏني وڃي، جنهن بعد عدالت خيرپور پوليس کي هڪ هفتي اندر ناري ثناءَ گراماڻي کي بازياب ڪرائي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.