ڪراچي (رپورٽر) جڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ ڪارساز حادثي ڪيس ۾ جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو آهي ته متاثرن جا بيان ڪارڊ ڪيا ويا آهن، ڊي آءِ جي لائسنس برانچ کان جوابدار جي لائسنس رپورٽ طلب ڪئي آهي، جاچ آفيسر چيو ته حادثي جي ڪري جيڪو نقصان ٿيو آهي هن جي حوالي سان يونين ڪائونسل کان به رپورٽ طلب ڪئي آهي، سي سي ٽي وي فوٽيج جي فارنزڪ جي لاءِ پنجاب موڪليو ويو آهي، سموريون رپورٽس اچڻ ۾ وقت لگندو ڪجهه ٽائم ڏنو وڃي، عدالت 5سٽيمبر تائين ملهت ڏئي ڇڏي آهي. عدالت جاچ آفيسر کي جاچ مڪمل ڪري ايندڙ ٻڌڻي تي چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت منشيات جي نئين ڪيس ۾ جوابدار نتاشا جا پروڊڪشن آرڊ جاري ڪري ڇڏيا آهن.