ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي 45 هين اجلاس ۾ ڄامشورو ۽ مٽياري ضلعن ۾ سنڌو درياهه جي ڪنارن تي 34 هزار 900 هيڪٽرن تي ٻيلا قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 88 هزار 220 ايڪڙ ٻين 7 ضلعن ۾ سرڪاري ۽ نجي شعبي جي ڀائيواري ذريعي ٻوٽا پوکيا ويندا. وڏي وزير ڪراچي پورٽ ٽرمينل کان ڄام صادق پل تي ملير ايڪسپريس وي تائين ايڪسپريس وي جي تعمير جي منصوبي جي پڻ منظوري ڏني. اجلاس وزيراعليٰ هائوس سنڌ ۾ ٿيو. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن عذرا پيچوهو، ناصر حسين شاهه، سعيد غني، ضياءَ الحسن لنجار، صلاحڪار لائيو اسٽاڪ نجمي عالم، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، ايڊووڪيٽ جنرل حسن اڪبر، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، ڊاڪٽر سروش لوڌي، آصف بروهي، صوبائي سيڪريٽرين ۽ ٻين لاڳاپيل ماڻهن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران وڏي وزير چيو ته ورلڊ وائلڊ لائيف فنڊ جي 2017ع جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ ٻيلا گهربل 25 سيڪڙو بدران رڳو 6 سيڪڙو آهن. اسان موسمي تبديلين جي ڪري سخت حالتن کي منهن ڏئي رهيا آهيون. ٻيلي کاتي وڏي وزير کي ٻڌايو ته مٽياري ۽ ڄامشوري ضلعن ۾ مختلف مقصدن لاءِ 34 هزار 995 هيڪٽرز درياهه جي زمين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. ٻيلن لاءِ مقامي وڻ جهڙوڪ ٻٻر، ڪنڊي، بهن ۽ نم وغيره ٻوٽا پوکيا وڃن. وڏي وزير ڪراچي پورٽ ٽرسٽ کان ڄام صادق پل تائين ايڪسپريس وي جي تعمير جي تجويز کي حتمي شڪل ڏيڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن چيو ته ايڪسپريس وي کان پورٽ جي گاڏين کي سڌو موٽر وي ڏانهن وڃڻ ۾ مدد ملندي. مڪاني ادارن واري کاتي آءِ سي آءِ پل تي دباءُ گھٽ ڪرڻ لاءِ سرڪاري ۽ نجي ڀائيوارن کي آءِ سي آءِ پل کان ھاڪس بي تائين ماڙي پور ايڪسپري وي ۽ آءِ سي آءِ انٽر چينج تعمير ڪرڻ جي رٿا پيش ڪئي. ماڙي پور ايڪسپريس وي 8 ڪلوميٽر ڊگھو ٻئي پاسا ڊبل لائنن تي مشتمل ھوندو. سيد مراد علي شاهه ٻيلي ۽ جهنگلي جيوت کاتي کي ڪيترن ئي ضلعن ۾ پکڙيل درياهه جي ٻيلن کي بحال ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو، جنهن تي ٻيلي کاتي چيو ته ان مقصد لاءِ شهيد بينظير آباد، دادو، نوشهروفيروز، ڄامشورو، خيرپور، لاڙڪاڻو ۽ سکر ۾ ٻه لک ستر هزار پنج سئو ٻه ايڪڙ زمين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. وڏي وزير ماربل سٽي منصوبي ۾ دير تي ناراضگي جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته ان سلسلي ۾ ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن منصوبي تي ڪم شروع ڪري سگهجي. ماربل سٽي هڪ صنعتي زون هوندو جنهن کي نه رڳو سنگ مرمر جي پٿر لاءِ پر ٻين لاڳاپيل صنعتن لاءِ به سهولتون فراهم ڪيون وينديون. ايراضي نادرن باءِ پاس وٽ مختص ڪئي ويندي .