اسلام آباد (فخر دراني) مسلم ليگ ن قائد نواز شريف جي سربراهي ۾ سينٽرل ايگزيڪٽو ڪاميٽي جي گڏجاڻي ۾ اهم معاملن تي غور ڪيو ويو. گڏجاڻي ۾ عمران خان جو نالو به نه ورتو ويو. نواز شريف جون هدايتون آهن ته پي ٽي آءِ سان ڪي به ڳالهيون نه ٿينديون نه ئي حڪومت ان حوالي سان ڪا گڏجاڻي ڪندي. توڻي جو راڻا ثناءُالله جي صلاح هئي ته محمود اچڪزئي کي عمران خان ڳالهين لاءِ اختيار ڏنو آهي ۽ ن ليگ ڳالهين جي حامي ڀري آهي پر تنهن هوندي ان تي ڪو غور نه ڪيو ويو. هاڻي مسلم ليگ ن جو اصولي فيصلو آهي ته ڪنهن صورت ڳالهيون نه ٿينديون. مسلم ليگ ڳالهين کي مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي پاسي مولانا فضل الرحمان سان مسلم ليگ ن پاران ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي رهي آهي، مسلم ليگ ن مولانا فضل الرحمان کي اتحاد ۾ شامل ڪرڻ ۽ ڪابينا جو حصو بڻجڻ جي آڇ ڪئي آهي. مولانا فضل الرحمان جلد حڪومتي اتحاد ۾ شامل ٿي ويندو. حڪومت کي آئيني ترميم لاءِ مولانا فضل الرحمان جي ووٽن جي به ضرورت هوندي.
پي ٽي آءِ اسٽيبلشمينٽ کان اين آر او گهري رهي آهي: خواجا آصف
اسلام آباد (م ڊ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته پي ٽي آءِ وارا اسٽيبلشمينٽ کان رليف چاهين ٿا، جيستائين 9 مئي جو حساب نه ٿيندو، ڪنهن سان به ڪي ڳالهيون نه ٿينديون. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ تقرير ڪندي خواجا آصف چيو ته پي ٽي آءِ وارا هن وقت اين آر او گهري رهيا آهن، اهي ماڻهو سياسي جماعتن سان ڳالهيون نٿا ڪرڻ چاهين، پي ٽي آءِ باني عمران خان به فوج سان ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته مان محمود اچڪزئي کان سوال ڪندس، ڇا هو فوج سان ڳالهيون ڪندا؟ پي ٽي آءِ باني سياسي جماعتن سان ڳالهيون نٿو ڪرڻ چاهي، پڇان ٿو ته ان تي اپوزيشن اتحاد جي سربراهه جو ڪهڙو موقف آهي؟ هن چيو ته هن چيو ته رئوف حسن چئي رهيو آهي ته اين آر او ڏيو، پي ٽي آءِ جو باني اندران چئي رهيو آهي ته فوج سان ڳالهيون ڪرڻيون آهن.
اچڪزئي جون حڪومت سان ڳالهيون هلي رهيون آهن: عمران خان
راولپنڊي(م ڊ) پي ٽي آءِ باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم چيو آهي ته جمهوريت جي ڳالهه ڪندڙ بوٽن اڳيان ليٽي رهيا آهن، اڊيالا جيل جي عدالتي ڪمري ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ ٻه نيون انٽريون ٿيڻيون آهن، هڪ انٽري يوٽرن تي ٿيندي جنهن ۾ بوٽ کي عزت ڏيندي چيو ويو ته ووٽ کي عزت ڏيو. ”اڍائي سالن تائين نواز شريف ووٽ کي عزت چوندو رهيو، فوج ۽ مارشل لا تي تنقيد ڪندو رهيو.عمران خان چيو ته خواجه آصف جيترو فوج خلاف ڳالهايو آهي ايترو ڪنهن به ناهي ڳالهايو، احسن اقبال چيو هو ته فوج رياست اندر رياست آهي ۽ پاڪستان ميانمار بڻجڻ وارو آهي. 9 مئي هنن لاءِ انشورنس پاليسي آهي، جيڪڏهن 9 مئي ختم ٿي ته سندس حڪومت ۽ سياست ٻئي ختم ٿي ويندا. هن چيو ته 9 مئي جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي، منهنجي اغوا جو حڪم ڪنهن ڏنو ۽ سي سي ٽي وي فوٽيجز ڪنهن غائب ڪيا، ان ئي 9 مئي جي سازش ڪئي.هن چيو ته گنيز بڪ ۾ ٻي انٽري ان ڳالهه تي ٿيندي ته نواز شريف چئن امپائرن سان گڏجي کيڏيو پوءِ به هارائي ويو، ٻئي ڌر کي ميچ کيڏڻ نه ڏني وئي، نواز شريف کي کٽرائڻ لاءِ 74 هزار وڌا ويا. ڳالهين بابت ڳالهائيندي هن چيو ته محمود خان اچڪزئي جون حڪومت سان ڳالهيون هلي رهيون آهن، اسان ڳالهين لاءِ هر وقت تيار آهيون، هن چيو ته آڪسفورڊ يونيورسٽي جو چانسلر بڻجڻ پاڪستان لاءِ اعزاز جي ڳالهه هوندي، جيڪڏهن چانسلر نه به بڻجي سگهيس ته ان سان ڪو فرق نه پوندو.
نواز شريف پي ٽي آءِ کي ڳالهين جي آڇ ناهي ڪئي: عرفان صديقي
اسلام آباد(م ڊ) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ سينيٽر عرفان صديقي جو چوڻ آهي ته نواز شريف ڪنهن به قسم جي ڳالهين جي دعوت يا آڇ ناهي ڪئي، ن وري هن ڪنهن سان به رابطو ڪيو آهي. هڪ ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي سينيٽر عرفان صديقي چيو ته ٻه ڏينهن اڳ ن ليگ جي اجلاس ۾ پي ٽي آءِ باني يا پي ٽي آءِ جي نالي سان ڳالهين جو ڪو به ذڪر ناهي ٿيو، اسان جي طرفان ڳالهين جي ڪا به آڇ ناهي.هن چيو ته محمود اچڪزئي قابل احترام شخص آهي، ساڻس هر ماڻهو ڳالهائي سگهي ٿو، پر اها ڳالهه ڪوڙي آهي ته حڪومت محمود اچڪزئي ذريعي پي ٽي آءِ سان سڌيون ڳالهيون چاهي ٿي.اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي ۽ نه ئي پي ٽي آءِ سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون، هن چيو ته پي ٽي آءِ وارا خوابن جي دنيا ۾ زندگي گذاري رهيا آهن، هو مصيبت ۾ آهن، مٿن تلوار لٽڪي رهي آهي.