ارسا کي ون يونٽ نه بڻايو وڃي

سنڌ جي دانشور جامي چانديي فيس بڪ تي هڪ پوسٽ ذريعي  انڪشاف ڪيو آهي ته وفاقي حڪومت ارسا جي ايڪٽ ۾ بنيادي تبديلي لاءِ  هڪ اهڙو ترميمي بل  آڻي رهي آهي جنهن سان اڳ ئي سنڌ جي پاڻي تي لڳندڙ ڌاڙن ۾ خطرناڪ حد تائيڻ تيزي ايندي،  ان ترميم ۾ ارسا عملي طور تي گڏيل مفادن جي ڪائونسل مان  نڪري ويندي، صوبن جو اختيار ختم ٿي ويندو ۽ پوءِ چيئرمين کي صوابديدي اختيار حاصل هوندا.

جامي چانڊيو موجب ان ترميم بابت اجلاس ايوان صدر ۾ٿيو هو. سو هاڻي پ پ تي سخت دٻاءُ وجهڻ جي ضرورت آهي ته  اها ان بل جي پاس ٿيڻ ۾ ڌر نه بڻجي جيتوڻيڪ آصف زرداري غير آئيني طور ان جي منظوري ڏئي چڪو آهي جنهن جو هن کي ڪو به صوابديدي آئيني اختيار ناهي. جامي چانڊيي جو خيال آهي ته ارسا ايڪٽ ۾ تبديلي ڪالاباغ ڊيم جيتري ئي خطرناڪ  آهي . تنهن ڪري سنڌ جي وطن دوست ۽ ترقي پسند سياسي ڌرين کي ان ڏس ۾ گهربل  دٻاءُ پيدا ڪرڻ لاءِ  تحرڪ ۾ اچڻ گهرجي.

جامي چانڊيي جي  مهرباني جنهن ارسا ايڪٽ ۾ سنڌ دشمن ترميم آڻڻ واري امڪاني بل جي نشاندهي ڪئي آهي ۽ سنڌ دوست ڌرين کي اڳواٽ آگاهه ڪيو آهي. گڏوگڏ سڀني وطن دوست توڙي ترقي پسند سياسي ڌرين کي تحرڪ ۾ اچڻ جي تاڪيد ڪئي آهي. اصل ۾ اهڙين خبرن ۽ وفاقي حڪومت جي فيصلن ۽ ارادن کي ڏسي ڪري اهو تاثر جڙندو آهي ته هن ملڪ اندر هاڻي به ون يونٽ قائم آهي. ۽ اسان جا حڪمران سبق پرائڻ لاءِ تيار ناهن ۽هاڻي به غلطين مٿان غلطيون ڪري رهيا آهن. اهڙين غلطين مان اها مٿي ڄاڻايل به هڪ غلطي آهي جنهن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.اسان سمجهون ٿا ته وفاق ڪنهن به دور ۾سنڌ دوستي جو تاثر قائم ناهي ڪيو، اڃان به وقت سان گڏ اهڙو تاثر وڌندو ئي وڃي ٿو. اهڙو تاثر اهڙن ئي فيصلن ڪري جڙيو آهي  جو وفاق هر دور ۾ سڌ جي بنيادي حقن کي بي دردي سان نظر انداز ڪيو آهي جن ۾ درياهي پاڻي به شامل آهي جيڪو ڪڏهن به درياهي قانون توڙي پاڻي جي ڪيل معاهدن تحت سنڌ کي ناهي ڏنو ويو.

پاڻي جي معاملي ۾ سنڌ سان ٿيل ذيادتين جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي جيڪا وقت به وقت موقعي مناسبت سان ايڊيٽوريل جي هن ڪالم ۾ به لکندا رهيا آهيون.انهيءَ بدترين تاريخ کي ڏسندي ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي حڪومتي دور ۾ انڊس رور  سسٽم اٿارٽي ( ارسا ) قائم ڪرائي هئي ته جيئن درياهي پاڻي جي انصاف پٽاندر ورڇ ٿي سگهي، ڪا اهڙي مخصوص اٿارٽي هجي جيڪا ان معاملي تي نظر رکي ۽ پنهنجي نگراني ۾ پاڻي جي ورڇ ڪري پر افسوس ته پوءِ به اهو مسئلو حل نه ٿيو  ۽ هاڻي خبرون آهن ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري ارسا جي ڪنهن فيصلي کي چيلنج ڪرڻ جو رستو به بند ڪرڻ جو سوچيو پيو وڃي ۽ ان ڏس ۾ گڏيل مفادن واري ڪائونسل ڏانهن وڃڻ واري آپشن کي به هڪ آئيني ترميم ذريعي ختم ڪرڻ جو ارادو ڏيکارويو  پيو وڃي جيئن ڪو صوبو خاص ڪري سنڌ جائز پاڻي جو حصو نه ملڻ جي خلاف گڏيل مفادن واري ڪائونسل ڏانهن نه وڃي سگهي جتي ڪنهن به فيصلي کي چيلنج ڪري سگهبو آهي. ائين ارسا ۾ به سڀني صوبن جا ميمبر هوندا آهن ۽ ارسا جو چيئرمين به واري واري سان سڀني صوبن جي ميمبرن مان هڪ مقرر ڪيو ويندو آهي پر هاڻي لڳي ٿو ته هڪ ئي چيئرمين کي صوابديدي اختيار ملندو . مطلب ته ارسا کي غير جمهوري ۽ آمراڻي طرز جي اٿارٽي بڻايو پيو وڃي ته جيئن ون يونٽ واري روح تحت رڳو وفاق جي مفاد ۾ فيصلا ڪيا وڃن ۽ سنڌ جي پاڻي واري حصي ۾ ڪٽوتي ڪري سگهجي.

پر هاڻي جيئن ته وفاقي حڪومت ۾ پ پ جي به نمائندگي آهي ۽ ملڪ جو صدر به سنڌ سان واسطو رکندڙ آصف زرداري آهي ته ان صورت ۾ اصولي طور تي مسلم ليگ (ن) جي وفاقي حڪومت کي ارسا ايڪٽ ۾ اهڙي سنڌ دشمن ترميم نه ڪرڻ ڏني وڃي. يا پ پ تي دٻاءُ وڌو وڃي ته اها وفاقي حڪومت کي اهڙي ترميم کان روڪي ٻي صورت ۾ پ پ کي به ان فيصلي ۾ ملوث سمجهيو ويندو جنهن لاءِ نشاندهي به ڪئي وئي آهي ته شايد صدر آصف زرداري اهڙي ترميمي بل تي صحيح ڪرڻ لاءِ تيار آهي. جيڪڏهن پ پ اهڙي ڪنهن ترميي بل کي روڪڻ لاءِ مدخلت نه ڪئي ته سندن خلاف سنڌ ۾ تمام وڏو مزاحمتي ماحول جڙي سگهي ٿو جيئن ماضي ۾ ڪالا باغ ڊيم ۽ مڪاني نظام ۾ سنڌ کي ٻن يونٽن ۾ ورهائڻ جي غلطي ڪئي پئي وئي پر سنڌ جي سخت احتجاج کانپوءِ  پ پ کي پنهنجن فيصلن تي نظر ثاني ڪرڻي پئي

. سو پ پ جي قيادت کي سمجهڻ گهرجي ته سنڌو درياهه ۾سنڌ جو پساهه آهي. درياهه جي پاڻي بنا سنڌ ڪجهه به ناهي ۽ سنڌ جي عوام پنهجن حقن جي تحفظ جو ذمو  پ پ کي ووٽ ڏئي ان کي ڏنو آهي ته پوءِ پ پ جو فرض آهي ته اها سنڌ جي سڀني حقن جو تحفظ ڪري. ان صورت ۾ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم لاءِ جيڪو ڪجهه سو چيو  وڃي ٿو تنهن کي به اسان سنڌ جي پاڻي جي حصي ۾ ڪٽوتي جي هڪ سازش  سمجهون ٿا تنهن ڪري صدر زرداري ۽ ٻين پ پ اڳواڻن کي وفاقي حڪومت سنڌ جي نمائندگي ڪندي دٻاءُ وجهڻو  پوندو ته ارسا کي ون يونٽ نه بڻايو وڃي. ان مان صوبن جي نمائندگي ختم نه ڪئي وڃي ۽ ان کي صرف وفاقي يونٽ نه بڻايو وڃي پر جيئن ذوالفقار علي ڀٽي اها اٿارٽي قائم تي ڪرائي هئي سا اصل شڪل ۾هلندي رهي. پ پ کي ته سندن باني ڀٽو واري ارسا کي برقرار رکڻ جي جدوجهد ڪرڻ گهرجي.۽  جيڪو ارسا جو ۽ دنيا جي درياهن جو  قانون آهي تنهن تحت ئي سنڌ کي پاڻي جو حصو ملڻ گهرجي.

سنڌ ته هميشه آئين ۽ قانون تحت پنهنجو حصو گهريو آهي پر افسوس ته وفاق هر دور ۾ غير آئيني ڪم ڪيا آهن ۽ پاڻي جي معاهدن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي پر ان خلاف نه ڪڏهن ڪنهن عدالت پاڻمرادو نوٽيس ورتو آهي نه ئي ڪنهن ان وفاق کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.هاڻي به وفاق ارسا ۾ غير قانوني طور تي  ترميم ڪرڻ ڏانهن وڃي رهيو آهي جنهن کي ٻيو ڪير نه ته گهٽ ۾ گهت سنڌ ضرور روڪيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.