اسان جي سماج اندر جنهن کي مردن جي بالادستي وارو سماج سمجهيو ويندو آهي تنهن ۾ هن جديد 21 هين صدي واري دور ۾ به عورت کي بنيادي آزادي ۽ خود مختياري جا حق ناهن مليل ۽ اها به حقيقت آهي ته عام طور عورت کي مرد جي ڀيٽ ۾ گهٽ ۽ ڪمزور سمجهيو ويندو آهي،ان سلسلي ۾ عورتن سان گهر اندر توڙي ٻاهر جيڪو ظالماڻو ورتاءُ ٿيندو آهي تنهن تي اڄ به لکڻ جي ضرورت آهي ۽ عورت دوست سماج جوڙڻ لاءِ قلمي ۽ عملي جدوجهد جي اڄ به گهرج آهي.
ماڻهن کي سمجهائڻ گهرجي،اهو شعور ڏيڻ گهرجي ته جنهن عورت اوهان کي پيدا ڪيو آهي، پالي تاتي پنهنجن پيرن تي بيهاريو آهي تنهن جو احترام اخلاقي طور اوهان تي لازم آهي. اُها عورت ڪئين ٿي ڪمزور ٿي سگهي جنهن سُور سهي اوهان کي جنم ڏنو آهي ۽ مستقل مزاجي سان اوهان جي جسماني پرورش ڪئي آهي. سو انسان کي پيدا ڪري، پالي جوان ڪرڻ ڪنهن ريت به ڪا معمولي ڳالهه ناهي، اها وڏي ڳالهه آهي. ان حوالي سان مردن کي ته اصولي طور تي عورت جي وجود کي پنهنجو محسن سمجهڻ گهرجي جيڪڏهن عورت هڪ انسان کي پيدا ڪري، پالي پنهنجي پيرن تي بيهاري سگهي ٿي ته پوءِ اها سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿي، پوءِ اها ڪنهن به شعبي ۾ مرد کان گهٽ نٿي ٿي سگهي. اها ڳالهه مردن کي بار بار ٻڌائڻ گهرجي.
اها اهڙي حقيقت آهي جيڪا انساني تاريخ ۾ موجود آهي ته عورت باصلاحيت به آهي، وفادار به آهي ته بهادر به آهي. ان ۾ مستقل مزاجي به آهي ته قرباني ڏيڻ جي به جرئت آهي. هن دنيا اندر ان هر اهو ڪم ڪري ڏيکاريو آهي جيڪو مردن ڪيو آهي سو مردن جي مقابلي ۾ عورت کي ڪمزور ڪري پيش ڪرڻ مدي خارج رويو آهي.ٻاهر نڪرندڙ عورتن کي هراسان ڪرڻ، سندن خلاف ڳالهائڻ، ٽوڪڻ، الزام هڻڻ، شڪ ڪرڻ، ڪمزور ۽ مظلوم سمجهڻ مرداڻي سماج جي سازش آهي.
ان صورت حال جي روشني ۾ هاڻي اسان کي سماج اندر پاڻ کي طاقتور ۽ ۽ باصلاحيت انسان طور پيش ڪرڻو پوندو. اسان کي هاڻي عورتن جي طاقت، ڪاميابين ۽ ترقين جا مثال پيش ڪرڻ گهرجن. اهي مرد جيڪي احساس برتري ۾ عورتن جي وجود کي ڪمزور سمجهي، گهرن، آفيسن، بازارن ۾ هراسمينٽ جو شڪار ڪندا رهن ٿا ۽ عورت کي رڳو جسماني سونهن جي علامت سمجهن ٿا تن آڏو ڪمزور ٿيڻ بدران سندن مقابلو ڪرڻو پوندو ۽ اهو مقابلو تڏهن ڪري سگهبو جڏهن عورت پاڻ کي هڪ طاقتور انسان سمجهندي. عورت کي اها طاقت تعليم ئي ڏيندي، اهو ئي ڪارڻ آهي جو نياڻين جي تعليم کي اسان جي سماج ۾ نظرانداز ڪرڻ جي ڪوشش ٿيندي رهي آهي. مردن جي بالادستي واري سوچ جنهن کي اسان جاهلاڻي سوچ سمجهون ٿا. سا هميشه عورتن جي تعليم واري ان طاقت کان کان خوف زده رهي آهي. پر جئين جيئن عورت تعليم يافته ٿيندي رهي آهي تئين تئين اها باشعور ٿيندي وئي آهي ۽ پنهنجن بنيادي حقن کي سمجهڻ لڳي آهي.ته سماج اندر سندس قدر به ٿيڻ لڳو آهي.
سو تعليم يافته ۽ باشعور عورت ئي مردن جي بالادستي واري سماج جو مقابلو ڪري سگهي ٿي ۽ ڪري رهي آهي. منهنجو پيغام اهو ئي آهي ته مهرباني ڪري عورتن کي هاڻي طاقت جي علامت طور پيش ڪريو جيڪا حقيقت به آهي. عورت کي ڪمزور ڪري پيش ڪرڻ مرداڻي سماج جي سازش آهي جنهن کي هاڻي ناڪام بڻائڻ جي ضرورت آهي ۽ ان جو حل اهو آهي ته عورت جي طاقت جا پاسا نمايان ڪجن.