ٻه ڏينهن اڳ، ٻين مهاڀاري ويڙهه جي شروع ٿيڻ واري ڏينهن کي 85 سال پورا ٿيا. پهرين سيپٽمبر 1939ع تي هٽلر وارِي نازي جرمنيءَ جي اڳرائيءَ سان ٻين عالمي جنگ جي شروعات ٿي، جيڪا 2 سيپٽمبر 1945ع تائين پورا 6 سال جاري رهي. پهرين سيپٽمبر 1939ع تي جرمنيِءَ، پولينڊ تي حملو ڪري جنگ جو طبل وڄايو، جنهن جي جواب ۾ 85 سال سال اڳ ٺيڪ اڄوڪي ڏينهن 3 سيپٽمبر 1939ع تي برطانيه ۽ فرانس، جرمنيءَ خلاف جنگ جو جوابي اعلان ڪيو. 17 سيپٽمبر 1939ع تي سوويت يونين پڻ اوڀر کان پولينڊ تي حملو ڪيو. جنهن بعد 28 سيپٽمبر 1939ع تي جرمن فوجُن، پولينڊ جي راڄڌانيءَ ”وارسا“ تي قبضو ڪيو. جڏهن ته ڪجهه مُوَرخن جو خيال آهي ته ٻين مهاڀاري جنگ، ان کان اڳ ئي 1937ع ۾ تڏهن شروع ٿي، جڏهن جاپان، چين ۽ سوويت يونين تي هَلان ڪئي، يا ان کان به اڳ 1930ع جي ڏهاڪي ۾، جڏهن جرمنيءَ يورپ ۾ جارحاڻي انداز ۾ پنهنجا پير ڊگھيرڻ شروع ڪيا.
هڪ اندازي موجب ٻين مهاڀارِي جنگ، 5 کان 8 ڪروڙ ماڻهو ڳڙڪائي وئي، جن ۾ ٻن کان اڍائي ڪروڙ فوجي، لڳ ڀڳ اڍائي ڪروڙ عام شهري ۽ 60 لک ’هولوڪاسٽ‘ جي نسل ڪُش باهه ۾ پَچي مُئل يهودي ۽ لکين ٻيا ماڻهو شامل آهن، جن سان ’نازي‘ سخت نفرت ڪندا هئا. انهن مرتين مان جن ملڪن جا شهري وڌ ۾ وڌ اجل جو شڪار ٿيا، تن ۾ سوويت يونين (2 کان 3 ڪروڙ لوڪ)، چين (ڏيڍ کان ٻه ڪروڙ ماڻهو)، جرمني (50 کان 60 لک باشندا)، جاپان (30 کان 40 لک ماڻهو)، پولينڊ (20 کان 30 لک شهري)، گڏيل / برطانوي هندوستان (20 کان 30 لک ماڻهو)، امريڪا (4 لک 18 هزار ماڻهو)، برطانيه (3 لک 83 هزار ماڻهو) ۽ فرانس (2 لک 12 هزار ماڻهو) شامل آهن. انهن جاني نقصانن کان علاوه ڪيترن ئي شهرن ۾ وڏي بمباريءَ جي ڪري شهرن ۽ انفراسٽرڪچر جي وڏي پيماني تي تباهي ٿي ۽ لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا. اقتصادي نقصانن جي لحاظ کان هيءَ ويڙهه وڏي پيماني تي معاشي تباهيءَ جو باعث بڻي، جنهن ۾ هڪ ڪٿَ موجب هڪ ٽريلين ڊالر (اڄ جي ڪرنسيءَ جي لحاظ کان لڳ ڀڳ 15 ٽريلين امريڪي ڊالرن) جو نقصان ٿيو ۽ لکين ماڻهو بي گھر ٿيا. جڏهن ته ماحولياتي نقصانن جي لحاظ کان پڻ جنگ جو دنيا جي فطري ماحول تي وڏو ناڪاري اثر پيو ۽ ٻيلن، زرعي زمينن ۽ جهنگلي جيوت جِي وڏي تباهي ٿي.
ٻين عالمي جنگ جِن ٻن ڌُرين وچ ۾ وڙهي وئي، انهن ۾ پهرين ڌُر جي ”محورِي قوّتن“ ۾ ايڊولف هٽلر ۽ ’نازي پارٽيءَ‘ جي اڳواڻيءَ ۾ جرمني، مسولينيءَ ۽ فاشسٽ پارٽيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ اٽلي ۽ ’هڊيڪي توجو‘ ۽ جاپاني شهنشاهي فوج جي اڳواڻيءَ ۾ جاپان شامل هئا. جڏهن ته ٻئي ڌُر ۾ امريڪا (جنهن جُون همدرديُون ۽ سهڪار اتحادي ملڪن سان ته پهرين ڏينهن کان جاري هو، پر اها پاڻ 7 ڊسمبر 1941ع تي پنهنجي ’هوائي‘ رياست جي ’پَرل هاربر‘ تي جاپان پاران ڪيل جان ليوا هوائي حملي کانپوءِ سنئي سڌي جنگ ۾ داخل ٿِي)، برطانيه (بشمول انگلينڊ، اسڪاٽلينڊ، ويلز ۽ اتر آئرلينڊ)، فرانس (1944ع کانپوءِ)، سوويت يونين (گڏيل رُوس)، چين، ڪئنيڊا، آسٽريليا، گڏيل هندوستان (برطانوي ڪالونيءَ جي حيثيت ۾)، پولينڊ (جلاوطنيءَ ۾)، بيلجيم، هالينڊ، يونان، يوگوسلاويا ۽ يورپ جا ڪجھه ٻيا ملڪ شامل هئا. يورپ جا سويڊن ۽ سوئٽزرلينڊ جهڙا ڪجهه ملڪ هن جنگ ۾ اڻ ڌُريا رهيا، جڏهن ته پولينڊ ۽ بيلجيم جهڙن ڪجھه ملڪن تي ”ايڪسيز قوّتن“ پاران حملو ۽ قبضو ڪيو ويو. هن 6 سالن جي زبردست خونريزيءَ کانپوءِ بالآخر اتحادين (امريڪا، برطانيه، فرانس، سوويت يونين وغيره) ٻين عالمي جنگ کٽي، محوري طاقتن (جرمني، اٽلي ۽ جاپان) کي شڪست ڏني. يورپ ۾ جرمنيءَ، 8 مئي 1945ع تي هٿيار ڦٽا ڪيا، جنهن کي ”وِي اِي ڊي“ (’وِڪٽري ان يورپ ڊي‘ / يورپ ۾ فتح جو ڏينهن) سڏيو وڃي ٿو. جڏهن ته هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ جي انسانيت سوز ايٽمي بم ڌماڪن ۽ ’منچوريا‘ تي سوويت يونين جي حملي کانپوءِ، پئسفڪ ۾ 2 سيپٽمبر 1945ع تي جاپان هٿيار ڦٽا ڪيا. جنهن کي ”وِي جي ڊي“ (’وِڪٽري اوور جاپان ڊي‘ / جاپان تي فتح جو ڏينهن) چيو ويو. ان لحاظ کان اتحادين کي وڏي پيماني تي فتح ملي، پر ڪروڙين انساني جانيُون ڳڙڪائيندڙ هن عالمي جنگ کي انساني تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ جنگ قرار ڏنو ويو ۽ ڪنهن به انسان دوستَ، ان انسانيت سوزيءَ جي نتيجي ۾ ڪنهن به سوڀ کي ڪونه ساراهيو.
هن جان ليوا جنگ جي نتيجي ۾ عالمي سهڪار کي هٿي ڏيارڻ ۽ مستقبل جي جنگين کي روڪڻ لاءِ ”گڏيل قومن“ (اقوامِ متحده) جو قيام عمل ۾ آيو، امريڪا ۽ سوويت يونين عالمي طاقتن ـــ ’سپر پاور‘ طور اُڀريا، سرد جنگ جي اسٽيج سينگاري وئي، اوڀر ۽ اولهه بلاڪن جِي صورت ۾ يورپ جو ورهاڱو ٿيو. سوويت يونين جي يورپ جو اوڀر بلاڪ تي تسلط. قائم ٿيو، جرمني ۽ جاپان تي قبضو ۽ بحالي عمل ۾ آئي ۽ ان بحاليءَ کانپوءِ اهي ٻئي رياستون دنيا جي وڏين معيشتن جي حيثيت ۾ اڀريُون. گڏوگڏ هن جنگ ۾ اتحادين جِي سوڀَ، عالمي تنظيم ۽ سهڪار (نئين ورلڊ آرڊر) جي تشڪِيل ڪئي. جنهن سان عالمي لاڳاپن، عالمي سياست ۽ اقتصادي نظام جي هڪ نئين دؤر جي شروعات ٿي.
هن ٻين مهاڀاري ويڙهه کان 21 سال اڳ، سوا 4 سالن تائين جاري رهندڙ پهرين عالمي ويڙهه به وڏي تباهي مچائي هئي، جيڪا 28 جولاءِ 1914ع کان وٺي 11 نومبر 1918ع تائين جاري رهي، لڳ ڀڳ 4 ڪروڙ ماڻهو ماري ۽ ٻه ڪروڙ کن ماڻهو ڦٽي چُڪي هئي. جڏهن ته ان جنگ ۾ 70 کان 80 ڪروڙ جنگي باندي پڻ بڻيا هئا. جيتوڻيڪ پهرين عالمي جنگ جو ٻين عالمي جنگ سان ڪو سنئون سڌو ڳانڍانپو ڪونه هو، پر پوءِ به ڪيترن ئي حوالن سان ٻين عالمي جنگ، پهرينءَ جو تسلسل سمجھي وڃي ٿي، مثال طور:
1 ــ ’ورسيلز‘ جو معاهدو: هي پهرين عالمي جنگ کي ختم ڪندڙ اهو معاهدو هو، جنهن تحت جرمنيءَ تي سخت ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو هو، جنهن جي نتيجي ۾ وڏي ناراضِي پيدا ٿي ۽ نازي ازم وانگر انتهاپسند نظرين جي اڀار لاءِ هڪ زرخيز زمين تيار ٿي.
2 ــ جرمنيءَ جو رُسامو ۽ اصلاح پسندي: جرمنيءَ جي پهرين وڏي ويڙهه ۾ شڪست کانپوءِ ’ورسيلس‘ جي معاهدي پهرين عالمي جنگ کانپوءِ واري حڪم جي بدلي ۽ ترميم جي خواهش کي جنم ڏنو، جنهنڪري هٽلر پنهنجي جارحاڻي توسيع جو جواز پيش ڪرڻ لاءِ استحصال ڪيو.
3 ــ پهرين عالمي جنگ جا غير حل ٿيل مسئلا: پهرين وڏِي ويڙهه يورپ ۾ قومپرست تڪرار، سامراجي دشمنيءَ، معاشي جٽاداريءَ جي اڻ هُوند، روسي انقلاب ۽ ڪميونزم جي عروج سميت ڪيترن ئي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي، جنهنڪري ٻين عالمي جنگ جو ماحول پيدا ٿيو.
4 ــ فسطائي (فاشسٽ) ۽ قومپرست تحريڪن جو اُڀار: پهرين عالمي جنگ جي دؤر ۾ جرمني، اٽلي ۽ جاپان ۾ فاشسٽ ۽ قومپرست تحريڪُون اڀريون، جن حل ٿيل مسئلن ۽ معاشي بحرانن جو استحصال ڪيو.
5 ــ خوشامد جِي پاليسي: جاپاني ۽ اطالوي جارحيت کي روڪڻ ۾ قومن جي ليگ جي ناڪامي ۽ نازي جرمنيءَ ڏانهن برطانيه ۽ فرانس جي خوشامد واري پاليسي، هٽلر جي توسيع پسند ارادن جي حوصلا افزائي ڪئي ۽ ٻين مهاڀاري ويڙهه جو ماحول پيدا ڪيو.
6 ــ فوجي حڪمت عملين ۽ ٽيڪنالاجيز جو تسلسل: ٻِين وڏي ويڙهه ۾ فوجي حڪمت عمليُون ۽ هٿيارن جي ٽيڪنالاجي گھڻي زور وٺي چڪي هئي ۽ ائٽم بم، ٽينڪُن، ايئر پاور ۽ آبدوزُن وغيره جهڙا مُهلڪ هٿيار ايجاد ٿي چڪا هئا (جيڪي پهرين وڏي ويڙهه تائين ايجاد ڪونه ٿيا هئا) ۽ جنگي جنون ۾ مبتلا قوّتن انهن هٿيارن جي استعمال جي خبط ۾ به دنيا کي هن جنگ جي باهه ۾ ڌِڪيو ۽ ڪروڙين انسانَ مارايا.
مطلب ته پهرين عالمي جنگ، ٻئينءَ جو سڌو سنئون تسلسل نه هئڻ باوجود، پهرين عالمي تڪرار مان نڪتل غير حل ٿيل مسئلن، سياسي آبهوا ۽ نظرين اهڙو ماحول پيدا ڪيو، جن اڳ وارن ٺاهن جي ڀڃڪڙيءَ ۾ مدد ڪئي.
ايجادن جي صديءَ جي هنن ٻنهي عالمي راڱن کي ڏسي عقل ان ئي نتيجي تي پهچي ٿو ته هڪ ئي صديءَ جون هي ٻه عالمي جنگيون انسانيت توڙي احساس جي لِڱن تي تاريخ جي هڪ ناسور ڦٽ جيان هميشه تازيون رهنديون ۽ اهو احساس ڏيارينديون رهنديون ته بي لغام قومپرستي، عسڪريت ۽ نظرياتي انتهاپسندي وڏي پيماني جي تباهيءَ، نسل ڪشيءَ ۽ بي مثال انساني مصيبت جهڙن تباهه ڪُن نتيجن جو باعث بڻجي ٿي. هي ٻئي انسانيت سوز جنگيون ناڪام سفارتڪاريءَ، خوشامد ۽ بين الاقوامي نظم ۽ ضبط جي زوال ۽ تباهيءَ جو باعث بڻيون. جيتوڻيڪ ههڙين جنگين جي نتيجي ۾ عالمي برادريءَ پاران گڏيل قومن کي قائم ڪرڻ جو مقصد اجتماعي عالمي سلامتي، سفارتڪاريءَ ۽ تعاون کي هٿي ڏيارڻ لاءِ بين الاقوامي معيار قائم ڪرڻ ۽ ڳالهين جي حوصلا افزائي ڪندي مستقبل جي عالمي تڪرارن کي روڪڻ ۽ نبيرڻ هو، پر گڏيل قومن جي قيام کانپوءِ عالمي تڪرارن جي پرامن حل لاءِ رستو ڪيترو هموار ٿيو آهي، اهو پاڻ اڃا تائين هڪ وڏو سوال آهي، جنهن جو جواب ڪنهن حد تائين اڄ غزه ۽ يوڪرين ۾ ٻرندڙ باهه جا نه وسامندڙ اُلا، رَڙيُون ڪري سان ڏئي رهيا آهن ۽ دنيا جي گولي تي ٿيندڙ ڪِيسَ اڄ به اهو سوال ڪري رهيا آهن، ته ڇا فلسطينين جي نسل ڪُشي ’هولوڪاسٽ‘ جو تسلسُل ناهي!؟ ڇا ’نيتن ياهُو‘ اڄ جو ميسوليني يا هٽلر ناهي!؟ ۽ ڇا هيءَ بارود جي بُوءِ پهرين ۽ ٻين مهاڀاري جنگين جو تسلسل ناهي!؟ ۽ ڇا اڄ جي دنيا ٽئين عالمي جنگ جي خطري کان آجي آهي!؟