هانگ ڪانگ جي بالر جو ڪارنامو، ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچ ۾ چارئي اوور ميڊن

هانگ ڪانگ جي فاسٽ بالر آيوش شُڪلا ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچ ۾ پنهنجي اسپيل جا سمورا چارئي اوور ميڊن ڪرائي ڇڏيا.
آيوش شڪلا ڇنڇر جي ڏينهن منگوليا خلاف ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچ ۾ پنهنجي چئن اوورن ۾ بنا ڪنهن رنسن ڏيڻ جي هڪ وڪيٽ پڻ حاصل ڪئي.
آيوش شڪلا ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ۾ چارئي اوور ميڊن ڪرائيندڙ دنيا جو ٽيون ۽ مجموعي طور چوٿون بالر بڻجي ويو آهي.
ان کان اڳ ڪئناڊا جو سعد بن ظفر ۽ نيوزيلينڊ جو ليوڪي فرگوسن اهڙا بالر آهن جن ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ۾ پنهنجا چارئي اوور ميڊن ڪيا هئا.
ان کانسواءِ 2021 ۾ ڀارت جي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ اڪشي ڪارنيوار نالي بالر به چارئي اوور ميڊن ڪيا هئا.
واضح رهي ته ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ هڪ بالر وڌ کان وڌيڪ چار اوور هلائي سگهي ٿو، انڪري بالر جو مڪمل اسپيل 24 بالن تي ٻڌل هوندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.