اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر يوراج سنگهه جي والد يوگراج سنگهه هڪ ڀيرو ٻيهر اڳوڻي ڪپتان مهندر سنگهه ڌونيءَ تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته ڌوني هڪ وڏو ڪرڪيٽر آهي پر هن سندس پٽ سان جيڪو ڪيو ان تي هو کيس ڪڏهن به معاف نه ڪندو.
هڪ ٽيسٽ ۽ ڇهه هڪ ڏينهن وارين ميچن ۾ ڀارت جي نمائندگي ڪندڙ يوگراج سنگهه الزام لڳائيندي چيو ته ڌوني سندس پٽ جو ڪيريئر تباهه ڪيو، کيس ڪڏهن به معاف نه ڪندس، ڌوني کي آئيني ۾ پنهنجي شڪل ڏسڻ گهرجي هاڻي سڀ ڪجهه وائکو ٿي رهيو آهي.
يوگراج سنگهه موجب، سندس زندگي جا ڪجهه اصول آهن ته هن غلط ڪم ڪندڙ کي ڪڏهن معاف ناهي ڪيو ۽ ڪڏهن به ان سان ڀاڪر ناهي پاتو.
هن چيو ته يوراج سنگهه وڌيڪ چار پنج سال ڀارت لاءِ کيڏي پئي سگهيو، گوتم گمڀير ۽ وريندر سهواگ چئي چڪا آهن ته ڀارتي ٽيم ۾ ڪو ٻيو يوراج سنگهه نه ايندو، پٽ ڪئنسر سان جهيڙيندي ملڪ لاءِ کيڏيو کيس ڀارت رتنه ايوارڊ سان نوازڻ گهرجي.
واضح رهي ته ان کان اڳ به يوگراج سنگهه اڳوڻي ڀارتي ايم ايس ڌوني تي پٽ کي ٽيم مان نيڪالي ڏيڻ سميت ڪيئي سنگين الزام مڙهي چڪو آهي.
ياد رهي ته يوراج سنگهه 2007 واري ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ انگلينڊ جي اسٽورٽ براڊ کي هڪ اوور ۾ ڇهه ڇڪا هنيا هئا جڏهن ته 2011 واري ون ڊي ورلڊ ڪپ دوران منجهس ڪئنسر جي نشاندهي ٿي هئي۽ ان باوجود هن ورلڊ ڪپ کيڏيو ۽ ڀارت کي ورلڊ چيمپيئن بڻايو، يوراج سنگهه کي 2011 واري ورلڊ ڪپ ۾ پليئر آف دي ٽورنامينٽ قرار ڏنو ويو هو.
”ڌونيءَ کي ڪڏهن به معاف نه ڪندس“ يوراج جي پيءَ جا اڳوڻي ڀارتي ڪپتان تي سنگين الزام
You might also like