اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ملازمت جي مدي ۾ واڌ نه ٿو وٺڻ چاهي ۽ بار بار ان معاملي تي تبصرو ڪرڻ غير ضروري آهي.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اعظم نذير تارڙ چيو ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ مون کي اٽارني جنرل کي واضح ڪيو هو ته هو ملازمت جي مدي ۾ واڌ جو خواهشمند ناهي ۽ واڌ نه ٿو وٺڻ چاهي.
وفاقي وزير چيو ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ معزز شخص آهي، سندس باري ۾ بار بار اِهو چوڻ ته هو ملازمت جي مدي ۾ واڌ وٺي رهيو آهي صحيح ناهي.
You might also like