دپيڪا جي پهرئين ٻار جون رنبير ڪپور سان ڪهڙيون ڪڙيون ملن ٿيون؟

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي اسٽار جوڙي دپيڪا پاڊڪون ۽ رنوير سنگهه جي گهر پهرئين ٻار جي پيداش جي امڪاني تاريخ منظرِ عام تي ايندي ئي هڪ ٻي اهم خبر سامهون آئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، دپيڪا پاڊڪون ۽ رنوير سنگهه پنهنجي پهرئين ٻار جي پيدائش سبب خبرن ۽ سوشل ميڊيا تي ڇانيل آهن.
ڀارتي ميڊيا طرفان دعويٰ ڪئي وئي آهي ته دپيڪا پاڊڪون 28 سپٽيمبر تي ڏکڻ ممبئي جي هڪ اسپتال ۾ پنهنجي پهرئين ٻار کي جنم ڏيندي، اتفاق سان ساڳي ئي تاريخ اداڪارا جي اڳوڻي بواءِ فرينڊ رنبير ڪپور جي سالگرهه ڏينهن پڻ آهي.
ڀارتي ميڊيا ۾ دپيڪا پاڊڪون جي پهرئين ٻار جي پيدائش جي تاريخ ۽ رنبير ڪپور جي سالگرهه جي تاريخ ۾ هڪجهڙائي کي تمام وڏو اتفاق قرار ڏنو پيو وڃي.
واضح رهي ته رنوير سنگهه کان اڳ دپيڪا جا رنبير ڪپور سان رومانوي لاڳاپا رهيا هئا پر ٻنهي جا لاڳاپا ڊگهي عرصي تائين قائم نه رهي سگهيا ۽ نيٺ ٻنهي هڪٻئي کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو.
رنبير ڪپور سان بريڪ اپ کانپوءِ دپيڪا پاڊڪون 2018 ۾ رنوير سنگهه سان شادي ڪئي جڏهن ته هلندڙ سال فيبروري ۾ جوڙي اعلان ڪيو هو ته وٽن سپٽيمبر ۾ پهرئين ٻار جي پيداش متوقع آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.