ڪراچي (رپورٽر)ڊفينس جي علائقي اختر ڪالوني سگنل وٽ تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو. پوليس موجب مارجي ويل موٽرسائيڪل سوار جي سڃاڻپ 22 ورهين جي عبدالرحمان طور ٿي آهي، جنهن جو لاش جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته حادثي جو ذميوار ڊرائيور ڪار سميت موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.هوڏانهن هوڏانهن تيز رفتار ٽرالر روڊ تي بيٺل واٽر ٽينڪر کي ٽڪر هنيو، پوليس ٽرالر ڊرائيور کي موقعي تي ئي گرفتار ڪري ورتو.
-
پنجاب پوليس کي گهربل جوابدار سعودي عرب مان گرفتار
ڪراچي( رپورٽر ) ايف آءِ اي اين سي بي انٽرپول سعودي عرب مان اشتهاري جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جيڪو سنگين ڏوهن ۾ گهربل هو. جوابدار کي سعودي عرب مان گرفتار ڪري اسلام آباد ايئرپورٽ منتقل ڪيو ويو، جوابدار جارو پنجاب پوليس کي گهربل هو، سندس خلاف ڊي جي خان ٿاڻي گڊي تي 2022 ۾ قتل جي دفعات تحت ڪيس داخل ڪيو ويو هو.
-
ڪراچي پوليس جي هفتيوار ڪارڪردگي رپورٽ پڌري
ڪراچي (رپورٽر) ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو جي حڪم تي پوليس جون ڏوهن خلاف ڪامياب ڪاروايون. گذريل هفتي دوران شهر ۾ ڏوهن خلاف ڪارروائي دوران ضلعي پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ 18 مقابلا ٿيا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 01 ڄڻا مارجي ويا ۽ 21 زخمي، ڦورن سميت 32 جوابدار گرفتار، 26 مختلف غير قانوني ڪاروايون. گرفتار جوابدارن وٽان هٿيار، 18 موٽرسائيڪلون ۽ 01 دستي بم هٿ ڪيا ويا.