منڇر ڍنڍ جو پاڻي اوور ٽاپ ٿي روڊ تي اچي ويو، آبادي کي خطرو

ڀان سيد آباد (ع آ ن) منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي جي سطح وڌي وئي، جنهن سبب لنڪ روڊ پاڻي هيٺ اچي ويو آهي جڏهن ته پاڻي ويجهي آبادي ڏانهن وڌي رهيو آهي. منڇر ڍنڍ جي ويجهن علائقن جو زميني رابطو  ڪٽجي ويو آهي، گاڏيون ٻوڏ جي پاڻي ۾ ڦاسي ويون آهن. صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڍنڍ جو پاڻي سنڌو درياهه ۾ ڇوڙ ڪيو ويو. ٻئي طرف کيرٿر جي جابلو سلسلي ۾ برساتن جي وقفي کانپوءِ ندين جي وهڪري ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي. سنڌو درياهه ۾ ڪوٽڙي بئراج وٽ وچولي ۽ گڊو بئراج وٽ هيٺين سطح جي ٻوڏ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.