ناراض بلوچ نه دهشتگرد چيو وڃي، ساڻن ڳالهيون نه ٿينديون: سرفراز بگٽي

لاهور (م ڊ) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو آهي ته بلوچستان ۾ دهشتگردن معصوم شهرين کي بسن مان لاهي  بيدردي سان شهيد ڪيو. رياست ۽ حڪومت مظلومن سان گڏ بيٺي آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته بلوچ روايتن ۾ عورتن ۽ مسافرن جي وڏي عزت ڪئي ويندي آهي. بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته بلوچستان جي حڪومت انهن واقعن ۾ ٿيل نقصان برداشت ڪندي. شهيدن جي وارثن کي 20، 20 لک رپيا ڏنا ويندا. سرفراز بگٽي چيو ته اهڙن ماڻهن کي ناراض بلوچ نه دهشتگرد سڏيو وڃي. ڪنهن به صورت ۾ رياست جي رٽ قائم ٿيندي، حڪومت جٿن جي حوالي نٿي ڪري سگهجي. هنن چيو ته سندس قوم پرستي سان ڪو به واسطو ناهي. ڇا مان بيگناهه شهرين کي شهيد ڪرڻ وارن سان ڳالهيون ڪريان؟ معصوم شهرين جي شهيدن سان ڪنهن به قسم جي ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي. سرفراز بگٽي چيو ته هي حقن جي جنگ ناهي رڳو دهشتگردي آهي. ڪهڙا حق آهن؟ هي اڻ برابري جي ترقي جو مسئلو آهي جيڪو سڄي ملڪ ۾ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.